حيدرآباد (رپورٽر) سوشل ميڊيا تي غير اخلاقي وڊيوز وائرل ڪرڻ تي شاعر ارشاد جاگيراڻي ۽ اداڪارا روبي علي خلاف حيدرآباد جي عدالت ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
هٽڙي جي علائقي سبحان الله ڪالوني جي رهواسي وڪيل گلزار علي عالماڻي ايڊيشنل سيشن جج نمبر 9 جي عدالت ۾ داخل درخواست داخل ڪرائي هئي
درخواست ۾ هن ايس پي ڪمپلينٽ سيل، ايس ايڇ او هٽڙي، ارشاد علي جاگيراڻي ۽ روبي علي کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته ارشاد ۽ روبي روزانو جي بنياد تي سوشل ميڊيا ذريعي غير اخلاقي وڊيوز شيئر ڪن ٿا جنهن سان سماج تي منفي اثر پئجي رهيو آهي
درخواست ۾ چيو ويو ته وڊيوز اعتراز جوڳيون هجن ٿيون جنهن ۾ هو اڪثر ڪري نازيبا لفظ به استعمال ڪن ٿا جنهن سان بي حيائي وڌندي ۽ معاشري تي تمام گهڻا هاڃيڪار اثر پوندا
عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد ايس ايڇ او هٽڙي کي حڪم ڏنو ته درخواستگذار جو بيان سي آر پي سي 154 تحت رڪارڊ ڪري الزام هيٺ آيل ڌرين خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي
وڪيل جو چوڻ آهي ته عدالت ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ هاڻي هو سرٽيفائيڊ آرڊر کڻي ٿاڻي ويندو