Home » غير اخلاقي وڊيوز: روبي علي ۽ ارشاد خلاف وڪيل عدالت پهچي ويو
غير اخلاقي وڊيوز: روبي علي ۽ ارشاد خلاف وڪيل عدالت پهچي ويو
جُون 14, 2023
حيدرآباد(رپورٽ: امتياز ملاح) روبي علي ۽ ارشاد جاگيراڻي غيراخلاقي وڊيوز سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون آهن، وڪيل ٻنهي خلاف عدالت پهچي ويو
سوشل ميڊيا تي غير اخلاقي وڊيوز وائرل ڪرڻ تي حيدرآباد سان تعلق رکندڙ وڪيل گلزار علي عالماڻي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ ارشاد جاگيراڻي ۽ روبي علي خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي آهي
درخواست ۾ وڪيل ايس پي ڪمپلينٽ سيل ۽ ايس ايچ او هٽڙي کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته ارشاد ۽ روبي سوشل ميڊيا تي غير اخلاقي وڊيوز شيئر ڪيون آهن ان ۾ جيڪي لفظ استعمال ڪيا ويا آهن اهي به غيراخلاقي آهن
وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته پوليس کي روبي علي ۽ ارشاد جاگيراڻي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي، عدالت وڪيل جي داخل درخواست تي اڃا ڪو فيصلو ناهي ڪيو