| غير سان لاڳاپن جو شڪ: جهڏي ويجهو مڙس هٿان ڳورهاري زال رسي سان گهٽا ڏئي قتل |
جهڏو (ن پ ا) جهڏو ويجهو ڳوٺ محمد اسلم لغاري ۾ 19 سالن جي ناري شاهدان کي سندس مڙس جاويد ماڇي مبينا طور رسي سان گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع ملڻ تي پوليس نفري سان گڏ واقعي واري هنڌ پهچي بروقت ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته مقتولا جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ آر ايڇ سي جهڏو منتقل ڪيو ويو جتي پوسٽ مارٽم جون سهولتون نه هئڻ سبب مقتوله جو لاش ٽنڊو جان محمد رورل هيلٿ سينٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو، وارث مقتولا عورت جو لاش کڻي مسلسل 8 ڪلاڪن تائين جهڏو کان پوءِ ٽنڊو جان محمد اسپتال دربدر ٿيندا رهيا پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ،جنهن بعد وارث جهڏو ٿاڻي تي پهتا جتي مقتوله جي والد سلطان ماڇي جي فرياد تي سندس ناٺي جاويد ماڇي خلاف سندس نياڻي جي قتل جو ڪيس داخل ڪرايو ويو والد موجب جوابدار کي ڌيءَ تي ڪنهن ٻئي سان لاڳاپن جو شڪ ڪندو هو، جنهن بنياد تي هن اهڙو قدم کنيو، جڏهن ته مقتولا چار مهينا ڳورهاري پڻ آهي ، هوڏانهن مقتوله جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو جڏهن ته علائقي ۾ ڏک جي لهر ڇائيجي وئي