غير مستحقن کي وظيفو ثابت ٿيو ته وزارت ڇڏيندس: ذوالفقار شاهه 

غير مستحقن کي وظيفو ثابت ٿيو ته وزارت ڇڏيندس: ذوالفقار شاهه 

ڪراچي: ثقافت واري وزير ذوالفقار شاھ سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته ثقافت کاتي مان رڳو جائز مستحقن کي وظيفو ملي ٿو، جيڪڏهن ڪنهن هڪ به غير مستحق فنڪار کي وظيفو ڏنو ويو هجي ۽ اهڙو نالو ظاهر ٿيو ته آئون وزارت تان استعيفا ڏئي ڇڏيندس! هن چيو ته سياحت کاتي جي پوري سال جي بجيٽ 15 ڪروڙ رپيا آهي ،جنهن مان پگهارون به ڏيڻيون هونديون آهن، هن چيو ته موهن جو دڙو ۽ ڀنڀور مان مليل نوادرات محفوظ آهن، هن چيو ته ايم ڪيو ايم وفاق ۾ اتحادي آهي، انهي کي گهرجي ته سنڌ کان ڦريل نيشنل ميوزيم سنڌ حڪومت کي ڏيارڻ ۾ مدد ڪري. هن مختلف سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته سنڌ ۾  ثقافت کاتي جون 42 لائبريريون مڪمل آهن، جنهن تي ماروي فصيح سوال ڪندي چيو ته وزير صاحب چوي ٿو ته کاتي جي بجيٽ صفا گهٽ آهي پر وزير جي پوزيشن مان لڳي ٿو ته هي کاتو خوشحال آهي، جنهن تي ذوالفقار شاھ چيو ته کاتي وٽ فنڊ گهٽ آهن پر ٻين ادارن جي سهڪار سان مختلف پروگرام ڪرايا پيا وڃن، ميوزڪ ٽيچرز بابت هن چيو ته  سنڌ حڪومت ميوزڪ ٽيچرز ڀرتي ڪيا هئا پر ايم ڪيو ايم عدالت ۾ هلي وئي، عدالت سڳوري ڀرتيون ڪينسل ڪري ڇڏيون،اهڙي فيصلي خلاف اپيل ۾ ويل آهيون، سنڌ حڪومت ميوزڪ ٽيچرز سان گڏ آهي.