غير مسلم جي صدر ۽ وزيراعظم بڻجڻ جي ترميم ڪرڻ جو مطالبو

غير مسلم جي صدر ۽ وزيراعظم بڻجڻ جي ترميم ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد: بلوچستان عوامي پارٽي جي سينيٽر دنيش ڪمار 27هين آئيني ترميم سان گڏ ئي اقليتن کي اهم عهدو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، سينيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته 27هين ترميم اچي رهي آهي، ان جو گوڙ به وڏو آهي، اهڙي ترميم آڻيو جو غير مسلم به صدر پاڪستان ۽ وزيراعظم ٿي سگهي. هن چيو ته اهڙي به ترميم ٿيڻ گهرجي جو سينيٽر وزيراعظم بڻجي سگهي ۽ بجيٽ به سينيٽ مان ئي منظور ٿئي، دنيش ڪمار چيو ته سينيٽر هجڻ باوجود مون کي غير مسلم سڏيو ويندو آهي، جڏهن ته مان به داتا درٻار ۽ سيوهڻ درگاهه تي حاضري ڀرڻ ويندو آهيان، هن چيو ته اقليتن جا جيڪي مسئلا پيش ڪيا آهن اهي حل ڪيا وڃن.