فائزا جي مڙس حميد ابڙو جي پهرين گهرواري سامهون اچي وئي، ڇرڪائيندڙ انڪشاف

جُون 19, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) سنگر فائزا علي سان ٻي شادي ڪندڙ ايف بي آر آفيسر عبدالحميد ابڙو جي پهرين گهرواري به سامهون اچي وئي، ڇرڪائيندڙ انڪشاف، وڊيو بيان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي

سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو هلي رهي آهي جنهن ۾ ڳالهائيندڙ عورت پنهنجو نالو ناجيه ابڙو ٻڌائي رهي آهي ۽ پاڻ کي عبدالحميد ابڙو جي پهرين گهرواري ڄاڻائي رهي آهي

ناجيه ابڙو پاران ڪمشنر ايف بي آر عبدالحميد ابڙو جون ٻه وڊيوز به ڏيکاريون ويون جنهن ۾ هو هڪ برگر پوائنٽ تي فائزا علي سان گڏ ويٺو آهي ۽ هُو برگر وڪرو ڪندڙ ماهنور جو تعارف ڪرائي رهيو آهي ٻي وڊيو ۾ هُو ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ جي ڪاروبار بابت ٻڌائي رهيو آهي

وڊيو ۾ ناجيه ابڙو چوي ٿي ته آئون عبدالحميد ابڙو جي پهرين گهرواري آهيان، وڊيو ۾ اوهان ڏٺو ته عبدالحميد چوي ٿو ته ويڪ اينڊ آهي ۽ هن وٽ وقت ئي وقت آهي، فادرز ڊي تي منهنجي نياڻي هن جو انتظار ڪندي رهي،  پنهنجي والد کي ميسيجز به ڪيا پر عبدالحميد ابڙو ڪو جواب نه ڏنو، نه ئي وري فون ڪال اٽينڊ ڪئي

ناجيه ابڙو چيو ته عبدالحميد ابڙو اسان سان ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو آهي، خبر ناهي ايئن ڇو ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن هن وٽ اسان لاءِ ٽائيم ناهي ته به رابطو ڪري اسان کي ٻڌائي ڇڏي، هن چيو ته رمضان کانپوءِ عبدالحميد ابڙو پنهنجي شڪل ناهي ڏيکاري، اسان کي ايئن ڇڏي ڏنو آهي ڄڻ اسان سان ڪو تعلق ئي ناهي

ناجيه چيو ته رات جي وقت ماهنوار وٽ گلشن حديد ۾ عبدالحميد ابڙو پهتو، اسان جو گهر گهڻو پري ناهي، پوءِ به نه آيو، هن ڪيترائي سال مون سان گڏ گذاريا آهن، 21 سال اسان جي شادي کي ٿيا آهن، 15ورهين جي نياڻي آهي،  جنهن جا امتحان هلي رهيا آهن، پر عبدالحميد هڪ ڀيرو به اچي پنهنجي ڌيءُ جي مٿي تي هٿ ناهي رکيو

هن چيو ته عبدالحميد ابڙو صاحب اوهان ٻين تي پوءِ پهريان پنهنجي گهر تي ڌيان ڏيو، پهرين پنهنجي ڌيءُ تي ڌيان ڏيو، اسان اوهان جو انتظار ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته وڊيو کي وائرل ڪيو وڃي ته جيئن عبدالحميد ابڙو پنهنجي گهر کي به وقت ڏئي سگهي

Leave A Comment