فائزا علي هاڻ ڪنهن سان گڏ رهندي؟ مڙس وڏو فيصلو ڪري ورتو

جُولاءِ 31, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) گلوڪارا فائزا علي هاڻ ڪنهن سان گڏ رهندي؟ ان بابت سندس مڙس وڏو فيصلو ڪري ورتو آهي

فائزا علي سان شادي ڪندڙ عبدالحميد ابڙو جي پهرين گهرواري سان گڏ وڊيو سامهون آئي آهي جنهن ۾ ٻئي مستقبل بابت ٻڌائي رهيا آهن

عبدالحميد ابڙو جي پهرين گهرواري ناجيه ابڙو وڊيو بيان ۾ چوي ٿي ته اڄ آئون پنهنجي مڙس سان گڏ آئي آهيان، ڪجهه وقت اڳ مون هڪ وڊيو رکي هئي جنهن ۾ وقت نه ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي هئي

هن چيو ته گهٽ وقت ڏيڻ جي وڊيو کانپوءِ اسان فيصلو ڪيو ته گڏجي هڪ وڊيو ٺاهجي ته جيئن اوهان جي ذهن ۾ جيڪي به سوال آهن انهن جو اوهان کي جواب ملي وڃي

ناجيه چيو ته منهنجو مقصد اهو هو ته مون کي ۽  منهنجي ڌيءُ کي پنهنجو حق ملي، اسان کي برابر وقت ڏنو وڃي، باقي هي عبدالحميد پاڻ ئي ٻڌائيندو ته ڇو وقت نه ڏئي  رهيو هو

عبدالحميد ابڙو وڊيو ۾ چوي ٿو ته منهنجي پهرين گهرواري جي وڊيو سامهون اچڻ بعد اهو تاثر سامهون آيو ته مون هنن کي ڄڻ بلڪل وساري ڇڏيو آهي، ميڊيا به اهڙيون خبرون هلايون جيڪي درست نه هيون

هن چيو ته ظاهر آهي نئون ماڻهو ۽ نئون ماحول هو، اتي وڌيڪ وقت ڏيڻو پوندو آهي پر هنن کي اعتراض هو ته اسان کي برابر وقت ڏيو، هنن جي تجويز اکين تي رکان ٿو، هي به درست آهن

عبدالحميد ابڙو چيو ته برابري جي بنياد تي وقت ڏيان پيو، اڄ  اسان گڏ ويٺا آهيون، فيملي کي ماڻهو ڪڏهن به نٿو ڇڏي سگهي، ايئن ڪڏهن به ناهي ته ٻي شادي ڪجي ته پهرين گهرواري ۽ ٻارن کي ڇڏي ڏجي، ماڻهن غلط فهميون پيدا ڪيون

هن چيو ته منهنجي ٻي شادي کي 10 مهينا ٿي ويا آهن، ايندڙ مهيني کان ٻئي گهرواريون گڏ رهنديون، ڌيءُ به گڏ هوندي، اسان سڀ هڪ ئي گهر ۾ رهنداسين، اهو ڏسي اوهان کي به خوشي ٿيندي، ڇو ته اڳ ڪيترن ئي ماڻهن تمام غلط ڪمينٽس ڏنا هئا باقي جن مشورا ڏنا انهن جي مهرباني، ٻي شادي کانپوءِ پهرين گهرواري کي ڇڏڻ جو غلط تاثر جوڙيو ويو هو، هاڻ اسان چارئي ماڻهو فائزا، ناجيه، منهنجي ڌيءُ ۽ آئون هڪ ئي گهر ۾ گڏ رهنداسين

ناجيه ابڙو چيو ته هن وڊيو کي هاڪاري وٺندا، اسان لاءِ دعا ڪندا، انشاءَالله جيئن هي عبدالحميد چئي رهيو آهي ايئن ئي ٿيندو

واضح رهي ته عبدالحميد ابڙو ڪمشنر ايف بي آر آهي ۽ هن 10 مهينا اڳ گلوڪارا فائزا علي سان شادي ڪئي هئي ۽ پهرين گهرواري ناجيه سوشل ميڊيا تي وڊيو جاري ڪندي چيو هو ته عبدالحميد ابڙو اسان کي وقت نٿو ڏئي

Leave A Comment