| فائنل بابت 5 سال پراڻي اڳڪٿي وائرل: ارجنٽائن جي فتح جي دعويٰ |
واشنگٽن (اسپورٽس نيوز) هن اڳڪٿي جو پهريون حصو سچو ثابت ٿي چڪو آهي، ڇاڪاڻ ته ارجنٽائن ۽ اسپين واقعي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ پهچي ويا آهن. فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جو فائنل 19 جولاءِ تي دفاعي چيمپئن ارجنٽائن ۽ اسپين جي وچ ۾ کيڏيو ويندو، پر هن تاريخي مقابلي بابت پنج سال پراڻي اڳڪٿي هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا تي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي آهي. فائنل ۾ پهچندڙ ٻنهي ٽيمن جو فيصلو ته تازو ئي ٿيو آهي، پر سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس (اڳوڻي ٽويٽر) تي جولاءِ 2021ع ۾ هڪ صارف دعويٰ ڪئي هئي ته 2026 ورلڊ ڪپ جو فائنل ارجنٽائن ۽ اسپين جي وچ ۾ ٿيندو. حيرت انگيز طور تي، ان پوسٽ ۾ نه رڳو ٻنهي فائنلسٽ ٽيمن جو ذڪر ٿيل هو، پر اها اڳڪٿي به ڪئي وئي هئي ته ارجنٽائن اسپين کي 2 جي مقابلي ۾ 3 گولن تان شڪست ڏئي پنهنجي اعزاز جو ڪاميابيءَ سان بچاءُ ڪندو ۽ چوٿون ڀيرو عالمي چيمپئن بڻجندو. فائنل لائين اپ سامهون اچڻ کانپوءِ هڪ اسپورٽس ويب سائيٽ ان پراڻي پوسٽ کي ٻيهر شيئر ڪيو، جنهن کانپوءِ اها سڄي دنيا ۾ تيزيءَ سان وائرل ٿي وئي. في الحال هن اڳڪٿي جو پهريون حصو درست ثابت ٿي چڪو آهي، ڇاڪاڻ ته ارجنٽائن ۽ اسپين سچ پچ فائنل ۾ پهچي چڪا آهن. تنهن هوندي، اها اڳڪٿي مڪمل طور تي سچي ثابت ٿئي ٿي يا نه، ان جو فيصلو 19 جولاءِ تي ٿيندڙ فائنل کانپوءِ ئي ٿيندو.