فائيو جي اسپيڪٽرم جي اڄ نيلامي: ڪمپنين پاران صلاحڪار مقرر

فائيو جي اسپيڪٽرم جي اڄ نيلامي: ڪمپنين پاران صلاحڪار مقرر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيئرمين پي ٽي اي ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان فائيو جي اسپيڪٽرم جي نيلامي بابت بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته فائيو جي اسپيڪٽرم جي نيلامي اڄ صبح 10 وڳي ٿيندي. بريفنگ ٽيڪنيڪي حوالي سان آهي ته جيئن نظام جي گنجائش وڌائي سگهجي. ٽيليڪام ڪمپنين نيلامي ۾ شرڪت لاءِ پنهنجا پنهنجا صلاحڪار مقرر ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته فائيو جي اچڻ سان موبائل پيڪيج مهانگا نه ٿيندا، صارف پنهنجون شڪايتون داخل ڪرائي سگهن ٿا. چيئرمين پي ٽي اي چيو ته موبائل فونن تي لڳندڙ ٽيڪس پي ٽي اي جو نه پر ايف بي آر جو آهي، هن چيو تهڳوٺاڻن علائقن ۾ سروس جي معيار جو مسئلو آهي ڇو ته اتي ٽاور گهٽ آهن، پنج ڪمپنين فائيو جي موبائل هينڊ سيٽ ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ مارڪيٽ ۾ 40 کان 45 هزار رپين تائين فائيو جي موبائل فون موجود هوندا.