فائيو جي اسپيڪٽرم جي نيلامي رمضان ۾ ٿيندي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) انفارميشن کاتي جي وفاقي وزير شزه فاطمه چيو آهي ته فائيو جي اسپيڪٽرم جي نيلامي رمضان المبارڪ ۾ ٿيندي. پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪوشش آهي ته فيبروري جي آخر تائين فائيو جي اسپيڪٽرم جي نيلامي مڪمل ڪئي وڃي. فائيو جي اسپيڪٽرم جي نيلامي کان پوءِ ٽن کان چئن مهينن اندر ٿري جي ۽ فور جي سروسز ۾ بهتري ايندي.
 

حمايت يا مخالفت: گرين لينڊ تي قبضو ڪري آمريڪا نئين تاريخ لکندو: ڪريملن ترجمان
 

ماسڪو (م ڊ) ڪريملن جي ترجمان دمتري پيسڪوف چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا گرين لينڊ کي پنهنجي ملڪ ۾ شامل ڪري ٿو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ تاريخ لکندو. بين الاقوامي ماهرن جو خيال آهي ته هي قدم نه رڳو آمريڪي تاريخ ۾، پر عالمي تاريخ ۾ پڻ اهم هوندو. هن ان باري ۾ روس جي حڪومت جي موقف تي تبصرو نه ڪيو. هن چيو ته تازو ڪيتريون ئي پريشان ڪندڙ رپورٽون آيون آهن. اسان هر شيءِ کي ويجهي کان ڏسي رهيا آهيون ۽ صورتحال جو تجزيو ڪري رهيا آهيون. جيستائين ڊينمارڪ ۽ گرين لينڊ بابت اسان جي منصوبن جو تعلق آهي، مان ان تي تبصرو نه ڪندس.