فائيو جي اسپيڪٽرم جي نيلامي: ٽيليڪام آپريٽرز مطالبا رکي ڇڏيا

فائيو جي اسپيڪٽرم جي نيلامي: ٽيليڪام آپريٽرز مطالبا رکي ڇڏيا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فائيوَ جي سپيڪٽرم جي نيلامي وارو معاملو. ٽيلي ڪام آپريٽرز حڪومت کي پنهنجي متفقه پاليسي سفارشون ۽ اهم مطالبا پيش ڪندي چيو آهي ته سپيڪٽرم جي قيمت ڊالر جي بدران روپين ۾ طئي ڪئي وڃي. سپيڪٽرم جي ادائيگين کي هڪ مستحڪم ايڪسچينج ريٽ سان ڳنڍيو وڃي. سپيڪٽرم جي ادائيگي لاءِ 10 سالن تائين بنا وياج قسطن واري سهولت فراهم ڪئي وڃي. گھٽ ۾ گھٽ قيمت جي حد مقرر ڪئي وڃي ته جيئن ٽن سالن اندر في صارف اوسط آمدني 2 آمريڪي ڊالر تائين پهچي سگهي. ٽيلي ڪام ڪمپنين کي فائيوَ جي جي بنيادي ڍانچي لاءِ ٽيڪس سهولتون ڏنيون وڃن. فائيوَ جي اوزار، موبائيل فونز ۽ لاڳاپيل بنيادي ڍانچي کي ٽيڪس کان استثنا ڏنو وڃي. ود هولڊنگ ٽيڪس کي 15مان گهٽائي 8 سيڪڙو ڪيو وڃي. جي ايس ٽي کي 16 سيڪڙو تي هم آهنگ ڪيو وڃي ته جيئن استعمال ۽ افورڊيبلٽي وڌي. ٽيلي ڪام سيڪٽر جي آپريشنل خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ صنعتي بجلي جا اگهه فراهم ڪيا وڃن. ٻن سالن لاءِ يونيورسل سروس فنڊ ۽ آر اينڊ اي شراڪت کي معطل ڪيو وڃي. ٻه سالن بعد شرح 2 سيڪڙو کان گهٽ ڪري هڪ ڪئي وڃي. انفراسٽرڪچر جي تيز ترقي لاءِ رائيٽ آف وي پاليسي ۾ بهتري آندي وڃي.