Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_3eirbupikig9oa5k0kfc8dqubc, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
فارسي شاعريءَ جو مختصر تاريخي جائزو ... عرفان ڏاهري - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar فارسي شاعريءَ جو مختصر تاريخي جائزو ... عرفان ڏاهري - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

فارسي شاعريءَ جو مختصر تاريخي جائزو … عرفان ڏاهري

فارسي ٻوليءَ جون پاڙون ايران جي قديم ٻولين جهڙوڪ: اوستا، پهلوي ۽ وچولي فارسيءَ سان وڃي ملن ٿيون ۽ انهن ٻولين مان ئي موجوده فارسي  مختلف دورن ۾ پنهنجي مختلف ارتقائي مرحلن کي طئي ڪندي وڌي وڻ جي صورت اختيار ڪئي آهي! تنهنڪري جيتريقدر فارسي ٻولي جي قدامت تمام گهڻي آڳاٽي آهي، تهڙي ريت فارسي ادب ۽ شاعري به شاهڪار هجڻ سان گڏوگڏ تمام گهڻا آڳاٽا ۽ قديم آهن.”ادبيات فارسي جي تاريخي مطالعي مان اها خبر پوي ٿي ته دنيا جي ٻين ٻولين وانگر فارسيءَ ۾ به پهرئين شاعريءَ جي شروعات ملي ٿي ۽ بعد ۾ نثر لکيو ويو. (فارسي ادب ڪي مختصر ترين تاريخ،ص:17)“ اهڙي ريت فارسي شاعريءَ جي ابتدا ڪڏهن ٿي ۽ فارسيءَ جو پهريون شاعر ڪير هو؟ ان بابت مختلف اديبن ۽ محققن جا مختلف رايا آهن.فارسي ٻوليءَ جو هڪ محقق دولت شاھه سمرقندي پنهنجي اهم ڪتاب ”تذڪره الشعراءُ“ ۾ لکي ٿو ته،” فارسيءَ جو پهريون شاعر بهرام گور هو ۽ ان جي محبوبه دلارام چنگي به شاعره هئي.(ادبيات فارسي،ص:1)“ جڏهن ته علامه مرزا محمد بن عبدالوهاب لکي ٿو ته، فارسيءَ جو قديم ترين شعر هڪ عربي شاعر ” زيد بن مفرغ “ جو آهي، جيڪو هجوگوئي تي مشتمل آهي ۽ اهو ان وقت جي حڪمران عباد بن زياده خلاف لکيو ويو هو.پر هڪ ٻيو محقق جلال الدين همائي پنهنجي اهم تصنيف ” تاريخ سيستان“ ۾ ان بابت وري ڪجهه هن ريت لکي ٿو ته، ” فارسيءَ جو سڀ کان پهريون شاعر ” محمد بن وصيف سيستاني“ هو، جنهن 251 هجريءَ ۾ان وقت جي حڪمران يعقوب بن ليث صفاريءَ جي شان ۾ هڪ قصيدو لکيو هو.“ جڏهن ته ڪجهه محققن جو خيال آهي ته،فارسيءَ ٻوليءَ جو پهريون شاعر ”خظله بادغيشي“ آهي!
فارسي شاعري ۾ سڀ کان پهرئين هڪ مصرع وارا شعر ملن ٿا! جنهن جي باري ابودلف عجلي ۽ الڪعب جهڙن ماهرن تحقيق ڪئي ته اهي هڪ مصرع وارا شعر علم عروض ۾ بحر هزج تي مشتمل آهن! جڏهن ته انهن ان  هڪ مصرع واري شعر ۾ هڪ سٽ جو اضافو ڪري هڪ نئين صنف ” دوبيتي“ جي نالي سان تيار ڪئي ۽ ان مان ئي اڳتي هلي رباعي جو به بنياد پيو ۽ اهڙي ريت آهسته آهسته فارسي شاعريءَ ۾ اڳتي هلي غزل،قصيدي ۽ مثنوي وغيره جهڙين صنفن جو به بنياد پيو ۽ ائين فارسي شاعري نه رڳو ايران تائين محدود رهي پر هنڌين ماڳهين ان جو اثر مخلتف ملڪن جي مختلف ٻولين تي به پيو.فارسي شاعريءَ کي مختلف ماهرن ۽ محققن طرفان لڳ ڀڳ اٺن دورن ۾ ورهايو آهي،جيڪي فارسي شاعريءَ جي تاريخ ۽ ارتقا ۾ هڪ اهم ۽ بنيادي حيثيت رکن ٿا. انهن منجهان ڪجهه اهم دورن جو جائزو هن ريت آهي.
01-ساماني دور:
هي دور لڳ ڀڳ ٽين صدي ڌاري شروع ٿئي ٿو ۽ محققن جي ڪيل تحقيق موجب؛ ” هن دور کي فارسي ٻولي ۽ ادب جو سونهري دور چئجي ته بجا ٿيندو. ڇاڪاڻ ته هن دور جا حڪمران فارسي ٻولي ۽ ادب سان تمام گهڻي دلچسپي رکندا هئا،جڏهن ته سندن وزيرن ۽ مشيرن به فارسي ٻولي ۽ ادب جي ترقي ۽ واڌ ويجهه ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو! جن ۾ جيهاني،ابو الفضل ۽ ابو علي عجمي وغيره جهڙن وزيرن فارسي شاعري جي ترقي خاطر ان دور جي شاعرن جي نه رڳو مالي سهائتا ڪئي پر کين قسمين قسمين انعامن ڪرامن سان پڻ چڱي نموني نوازيو! هن دور ۾ ئي فارسي شاعري، عربي ٻولي جي اثر کان پنهنجي جند آجي ڪرائي، نج پنهنجي ديس جي ٻوليءَ جو ويس پاتو ته گڏوگڏ  پنهنجي ديس جي خوبصورت تشبيهن،استعارن،تلميحن ۽ تمثيلن جو هڪ نئون رنگ ۽ روپ به اختيار ڪيو.  هن دور ۾ ئي فارسي شاعري جي دنيا ۾ ڪيتريون ئي نيون صنفون وجود ۾ آيون! جن ۾ غزل،دوبيتي،مثنوي،قطعي ۽ قصيدي وغيره جهڙين صنفن جي ايجاد کان پوءِ مختلف شاعرن طرفان انهن تي هڪ نئين رنگ ۽ ڍنگ سان پنهنجو نئون تخليقي سفر شروع ڪيو ، جڏهن ته هن دور ۾ ئي مسعود مروزي سڀ کان پهرئين شاهنامو لکيو ۽ ابو شڪور بلخي مثنوي جو آغاز ڪيو! هن ئي دور ۾ رودڪي جهڙو عظيم شاعر پيدا ٿيو،جنهن فارسي شاعري کي ڀٽائي وانگر رنگ روپ ڏيڻ سان گڏوگڏ ان جي فڪري ڪينواس ۾ وسعت  به آندي! فردوسي جهڙو اهم شاعر به هن دور ۾ ئي پيدا ٿيو، جنهن جي شاهڪار تصنيف ” شاهنامو“ مشهور و معروف آهي.
02-غزنوي دور: (351ع کان 582هه تائين)
محققن جي ڪيل تحقيق موجب؛ هي دور به فارسي شاعريءَ جو سونهري دور رهيو آهي! جنهن ۾ غزنوي حڪمرانن جي خاندان مان سلطان محمود نالي هڪ حڪمران فارسي شاعريءَ جي ترقي ۽ واڌ ويجهه ۾ پنهنجو پاڻ ڀرپوري نموني مڃرايو! سندس شاهي درٻار ۾ اندازي موجب لڳ ڀڳ چار سئو جي قريب شاعر رهندا هئا! اهڙي ريت سندس فرزند ۽ سڀئي وزير ۽ مشير به شاعرن جي شاعريءَ جو تمام گهڻو قدر ۽ انهن جي تمام گهڻي همت افزائي به ڪندا هئا! هن دور ۾ ئي عنصري نالي هڪ شاعر کي ”ملڪ الشعراءَ“ جهڙي لقب سان نوازيو ويو، جڏهن ته فردوسي جي لکيل شاهنامي (سٺ هزار شعرن تي مشتمل ايرانين جي منظوم تاريخ) کي هن دور جو پيڙهه وارو پٿر چيو وڃي ٿو! هن دور ۾ فارسي شاعري حقيقت نگاري ۽ فطرت نگاري جي رنگ ۾ رنڱجي پنهنجي اعليٰ حيثيت ۽ مقام تي پهتي! هن دور جي شروعاتي شاعرن ۾ فردوسي،عنصري، فرخي ۽ منوچهري دامغاني ملن ٿا جڏهن ته عبدالعزيز ۽ غضائري رازي،عسجدي جهڙا شاعر به هن دور ۾ سرفهرست آهن!
03-سلجوقي دور: ( 429 هه کان 700هه تائين)
سلجوقين جي دورِ حڪومت ۾ سموري ايران ۾ غورين ۽ خوارزمشاهين جون حڪومتون به قائم هيون! پر محققن جي ڪيل تحقيق موجب سلجوقين پنهنجي حڪومت جي آخري عرصي دوران سموري ايران تي اچي غلبو ڪيو جيڪو عرصو اٽڪل سئو سالن تي مشتمل آهي! ان عرصي دوران ئي فارسي شاعريءَ کي تمام گهڻي ترقي ملي! ۽ ان عرصي دوران ئي فارسي ٻولي،ادب ۽ شاعري جي اهميت ۽ حيثيت ۾ تمام گهڻو واڌارو ٿيو! هن دور ۾ ئي فارسي شاعري سڀ کان پهرين خانقاهن ۾ پلجي سلجي پنهنجو اهم مقام ۽ مرتبو حاصل ڪيو ! هن دور جي شاعرن گذريل دورن جي شاعرن جي پيروي ڪندي پنهنجي شاعريءَ کي نئين رنگ ۽ روپ سان پنهنجي تخيلاتي ۽ خيالي قوت ۾ جدت ۽ نواڻ آندي! انوري،خاقاني ۽ ظهير فاريابي وغيره جهڙا قصيدي گو شاعر ۽  عمر خيام ۽ ابو سعيد الخير وغيره جهڙا  رباعيءَ جا مشهور شاعر به هن دور سان ئي تعلق رکن ٿا.انهن کان علاوه شيخ فريد الدين عطار،حڪيم سنائي،نظامي گنجوي،قطران تبريزي،ناصر خسرو ۽ اسدي وغيره جهڙا مشهور و معروف شاعر به هن دور ۾ هڪ الڳ حيثيت ۽ مقام رکن ٿا!
04-تيموري دور: ( 782هه کان 907 هجريءَ تائين)
هن دور بابت محققن جو چوڻ آهي ته،” فارسيءَ ٻوليءَ ۽ ادب سميت ٻين علمن وانگر فارسي شاعريءَ کي به ڪا قابلِ توجهه ترقي نصيب ڪونه ٿي. جنهن جو وڏي ۾ وڏو سبب ته هن دور جي بادشاهن جو گهڻو وقت جنگ و جدل ۽ قتل و غارت ۾ گذريو ۽ خاص طور تي عام رعيت ۾ به شاعرن جي مقبوليت گهٽجڻ لڳي هئي،انهن سببن سان گڏوگڏ هن دور ۾ ترڪي ٻوليءَ کي به تمام گهڻي ترقي نصيب ٿي،جنهن جو ڪري شاعرن جو وڏو انگ ترڪي ٻوليءَ ۾ شاعري ڪرڻ لڳو ۽ فارسي ٻوليءَ کي نظر انداز ڪيو ويو. هن دور ۾ سلطان حسين نالي هڪ تيموري بادشاهه هرات ۾ پنهنجو هڪ الڳ مئخانو قائم ڪيو،جنهن ۾ گهڻي قدر ڪيترن ئي شاعرن جي اچ وڃ ٿيندي رهندي هئي ۽ خاص طور اتي ئي مشاعرا ٿيندا رهندا هئا. هن دور جي شاعرن جو اسلوب ۽ اندازِبيان گذريل دورن جي شاعرن کان بنهه مختلف رهيو، جنهن ۾ ٻوليءَ جي سلاست ۽ فصاحت سان گڏوگڏ عوامي موضوعن تي لکيو ويو ۽ غزل جي صنف ۾ صوفياڻو رنگ شامل ڪيو ويو، جنهن ۾ خاص طور تي فلسفي ۽ حڪمت سان ڀريل موضوعن تي طبع آزمائي ڪئي وئي. هن دور جي شاعرن ۾ دولت شاهه، مير علي شير نوائي، نعمت الله ولي، قاسم الانوار، جامي ۽ ڪمال الدين جهڙن مشهور شاعرن سان گڏوگڏ مولانا رومي، مجدالدين همگر، عراقي همداني، شيخ سعدي، همام تبريزي، شيخ محمود شبستري، حافظ شيرازي ۽ ابن يمين وغيره جهڙا عظيم شاعر شامل آهن.  
05-صفوي دور: ( 907 هه کان 1148 هجريءَ تائين)
فارسي ادب ۾ شاعريءَ جي حوالي سان هي دور به هڪ خاص حيثيت ۽ اهميت جو حامل آهي،جنهن ۾ صوفياڻي رنگ سان گڏوگڏ مذهبي رنگ کي به شاعريءَ ۾ شامل ڪيو ويو، جڏهن ته مدح، غزل ۽ قصيدي وغيره جهڙين صنفن تي تمام گهڻي طبع آزمائي ڪئي وئي. هن دور جي شاعرن ۾ بابا فغاني شيرازي، هاتفي خرجردي، اميدي رازي، اهلي ترشيزي، هلالي چغتائي، اهلي شيرازي، فضولي تبريزي ۽ وحشي بافقي وغيره جهڙا شاعر هڪ اهم ۽ نمايان حيثيت رکن ٿا.
بهرحال انهن سڀني اهم دورن کان پوءِ فارسي شاعريءَ ۾ افشاري،زندي،قاچاري ۽ مشروطيت وغيره جهڙا دور به ملن ٿا. جڏهن ته انهن دورن ۾ ئي فارسي شاعريءَ کي جدت نصيب ٿي ۽ سندس سرحدون اڳئين دورن کان وڌيڪ هندستان جي سرحدن سان اچي ملي هڪ ٿي ويون. جنهن جي ڪري هند ۽ سنڌ ۾ فارسي شاعريءَ جو تمام گهڻو اوج ملي ٿو.  فارسي شاعريءَ ۾ انهن دورن کان پوءِ ئي جديد شاعريءَ جو دور شروع ٿئي ٿو جيڪو گهڻي ڀاڱي مغربي تحريڪن جي اثر هيٺ فارسي ادب ۾ شرروع ٿيو، جنهن ۾ خاص طور تي فارسي شاعرن جا ٻه گروهه ملن ٿا. هڪڙو گروهه پراڻن خيالن، تصورن  ۽ موضوعن جو قائل هو جڏهن ته ٻئين گروهه وارن جو مقصد فارسي شاعريءَ کي انهن فرسوده ۽ روايتي تصورن ۽ خيالن مان آزاد ڪرائي کيس هن جديد سائنسي دور سان هم آهنگ ڪجي، انهن رجعت پسند شاعرن  ۾ ابوالقاسم لاهوتي، مرزا محمد فرخي، محمد رضا عشقي، پروين اعتصامي، نيمايو شيج، اديب پيشاوري، رشيد ياسمي، حبيب خراساني، نظام وفا ڪاشاني، محمد حسن تهراني، عباس فرات يزدي ۽ ڊاڪٽر مهدي شيرازي وغيره جهڙا شاعر شامل هئا. جيڪي نه رڳو ڪلاسيڪي رنگ ۾ شاعري ڪندا هئا پر اهي سڀئي فرسوده روايتن سان گڏوگڏ شاعري جي لاءِ قائم ٿيل اصولن، قاعدن ۽ قانونن جا به پابند هئا، جڏهن ته ٻئي پاسي فراهاني، سيد اشرف حسيني، محمد تقي بهار ۽ علي اڪبر ۽ نادر وغيره جهڙا شاعر وري جدت پسندي جا قائل هئا، جن موجب ڪنهن به شاعر لاءِ ضروري آهي ته پنهنجي دور جي موجوده حالتن جي عڪاسي ڪرڻ سان گڏ پنهنجي ڀرپاسي رهندڙ مظلوم ۽ پيڙهيل طبقي جي به نمائندگي ڪري.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *