فارغ سرڪاري عهديدارن جي برطرفي لاءِ درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏئي رد

نومبر 20, 2024

سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ سني اتحاد ڪائونسل کي پارلياماني پارٽي قرار ڏيڻ خلاف درخواست خارج ڪري ڇڏي، جسٽس جمال مندو خيل وڪيل سان مڪالمو ڪندي چيو ته اسان کان غيرآئيني ڪم ڇو ڪرائڻ چاهيو ٿا ؟ اميدوارن جي مرضي آهي، سياسي جماعت ۾ شامل ٿين يا نه، جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ مولوي اقبال حيدر جي درخواست تي ٻڌڻي هلائي، آئيني عدالت سني اتحاد ڪائونسل کي پارلياماني پارٽي قرار ڏيڻ خلاف درخواست تي رجسٽرار آفيس جا اعتراض برقرار رکندي خارج ڪئي

Leave A Comment