اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ٽن ڏينهن وارو پشتون قومي جرڳو پڄاڻي تي پهتو، جنهن جي پڄاڻي تي 19 نڪاتي پڌرائي جاري ڪئي وئي. جرڳي ڏکڻ پشتونخوا ۾ موجوده سياسي، آئيني، جمهوري، امن امان ۽ خاص طور معاشي صورتحال تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته پاڪستان جي استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ آئين جي بحالي، حقيقي جمهوريت، قومن جي برابري تي ٻڌل وفاق، بلوچستان ۾ امن ۽ سڄي ملڪ ۾ امن امان ضروري آهي. جرڳي 8 فيبروري 2024ع جي چونڊن کي ملڪ جي تاريخ جو وڏو فراڊ قرار ڏيندي چيو ته اڻ چونڊيل ۽ غيرنمائنده پارليامينٽ ۽ اسيمبليون مڙهي ماضي جي آمرانه طرز حڪمراني کي جاري رکيو ويو. بلوچستان ۽ خيبر پشتونخوا سميت ملڪ ۾ دهشتگردي، ڦرلٽ ۽ شاهراهن تي سفر سخت خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي. سول اختيار ختم ٿي چڪو آهي ۽ صوبي جي سمورن ضلعن کي ايف سي جا ڪرنل هلائي رهيا آهن. مسلسل قتل، ٽرڪن کي ساڙڻ ۽ ڦرلٽ جي واقعن جو ڪو پڇاڻو ناهي، جڏهن ته حڪومت انهن ذميوارين کان پاڻ کي آجو سمجهي ٿي. جرڳي حڪومت کي موجوده صورتحال جو ذميوار قرار ڏيندي مطالبو ڪيو ته اڻ چونڊيل ۽ نااهل پارليامينٽ ۽ اسيمبليون ختم ڪري ملڪ ۾ آزاد، شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊون ٻيهر ڪرايون وڃن. جرڳي 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن کي غيرآئيني ۽ غيرجمهوري قرار ڏيندي چيو ته انهن سان آئين جي ڀڃڪڙي، سياسي عدم استحڪام، ميڊيا ۽ عدليه جي آزادي جي خاتمي ۽ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿي. جرڳي ملڪ جي مسئلن تي بحث لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز، سياسي ۽ جمهوري پارٽين، عدليه، فوج، وڪيلن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن تي ٻڌل قومي ڪانفرنس سڏائڻ جو مطالبو ڪيو. پڌرائي مطابق جرڳي ڏکڻ پشتونخوا ۾ امن امان جي بگڙيل صورتحال ۽ دهشتگردي جي واقعن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي زيارت، ڪوئيٽا، هرنائي، دڪي، پشين، قلعه عبدالله، سبي ۽ ٻين ضلعن ۾ هٿياربند گروهن طرفان عوام، واپارين ۽ پوليس اهلڪارن جي قتل کي سرڪاري پاليسي قرار ڏنو. ڏکڻ پشتونخوا جي سمورن ضلعن، شهرن ۽ شاهراهن تان ايف سي کي فوري طور هٽائي صوبي ۾ سول اختيار بحال ڪرڻ ۽ سمورا اختيار سول انتظاميا حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. جرڳي ليويز فورس کي پوليس ۾ ضم ڪرڻ جي سخت مخالفت ڪندي مقامي ليويز فورس کي فوري طور بحال ڪرڻ ۽ ان جي بهتر تربيت ۽ وسيلن جي فراهمي لاءِ قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو. پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جرڳي ڪوئيٽا، زيارت، پشين، چمن، قلعه عبدالله، هرنائي، دڪي، لورالائي، زوب، موسىٰ خيل، قلعه سيف الله ۽ شيراني ۾ پشتونن جي اباڻي زمينن جون معدنيات جي نالي تي غيرقانوني الاٽمينٽون رد ڪري ڇڏيون. بلوچستان ۾ پشتونن جي قومي، سياسي، معاشي ۽ ثقافتي حقن جي تحفظ لاءِ پشتون بلوچ برابري تسليم ڪرڻ يا اڳوڻي چيف ڪمشنر صوبي تي ٻڌل ڏکڻ پشتونخوا صوبو قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. جرڳي خان قلات جي پيش ڪيل فارمولي، جنهن ۾ 50 سيڪڙو بلوچ، 40 سيڪڙو پشتون ۽ 10 سيڪڙو ٻين آبادڪارن جي نمائندگي تجويز ڪئي وئي هئي، تي عمل جو پڻ مطالبو ڪيو. جرڳي پشتون قوم طرفان بلوچ قومي تحريڪ ۽ ان جي جدوجهد کي قدر جي نگاهه سان ڏسڻ جو اظهار ڪيو، پر ڏکڻ پشتونخوا ۾ بي ايل اي جي نالي تي دهشتگردي، قتل، ٽرڪن ۽ مال بردار گاڏين کي ساڙڻ، اغوا ۽ ڀتي خوري جي سخت مذمت ڪئي. جرڳي انهن ڪاررواين کي پشتون ۽ بلوچ محڪوم قومن وچ ۾ نفرتون ۽ مسئلا پيدا ڪرڻ جي سازش قرار ڏنو ۽ پشتون-بلوچ مسئلن جي حل لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. جرڳي فارم 47 ذريعي قائم ڪيل حڪومتن طرفان قومي وحدتن کي ختم ڪرڻ ۽ انتظامي بنيادن تي غير فطري صوبن جي قيام کي رد ڪيو. ملڪ ۾ پشتونن جي تسليم ٿيل علائقن کي گڏ ڪري قومي، لساني، تاريخي ۽ جاگرافيائي بنيادن تي گڏيل پشتون يونٽ يعني صوبو قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. جرڳي پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني اڳواڻ عمران خان سميت علي وزير، ماه رنگ بلوچ، حاجي صمد خان، نورالله ترين، حنيف پشتين، فريد آفريدي ۽ سمورن سياسي قيدين کي فوري طور آزاد ڪرڻ، سمورن گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ ۽ سياسي بنيادن تي هزارين ماڻهن کي فورٿ شيڊول ۾ شامل ڪرڻ واري پاليسي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتن سان پشتونن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ جرڳو ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ڪميٽي پشتونن کي درپيش قومي، آئيني، سياسي، معاشي، سماجي ۽ انتظامي مسئلن جي حل لاءِ سياسي، جمهوري ۽ آئيني احتجاج سان گڏ ڳالهين جو رستو اختيار ڪندي.