فاروق ستار کي سنجيده نه وٺو، اڳ ئي ڏک ۾ آهي: شرجيل

فاروق ستار کي سنجيده نه وٺو، اڳ ئي ڏک ۾ آهي: شرجيل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ جي مڪاني قانون ۾ ترميم چاھيندڙ ايم ڪيو ايم مڪاني چونڊن کان ڀڄي ويندي آھي،  ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار جي ڳالهين کي سنجيدا نه وٺڻ گھرجي، ھو اڳ ئي ڏک ۾ ورتل آھي، باقي ايم ڪيو ايم ساڳي پگھار تي نوڪري ڪندي رھندي،  واضح رهي ته فاروق ستار چيو هو ته مڪاني ادارن کي اختيار ملڻ گهرجن، وزيراعظم 28هين ترميم تي متحده کي ٽرڪ جي بتي پويان لڳائي ڇڏيو، پر هن ڀيري وزيراعظم سان ملاقات بعد ڪراچي وارن کي خوشخبري ملندي.