| فاسٽ بالر هيزل ووڊ ايشز مان ٻاهر: پيٽ ڪمنز جي واپسي |
ميلبورن (اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ هڪ ئي وقت سٺي ۽ بُري خبر سامهون آئي آهي.ٽيم جي هيڊ ڪوچ اينڊيو ميڪڊونلڊ تصديق ڪئي آهي ته فاسٽ بالر جوش هيزل ووڊ ايشز سيريز مان ٻاهر ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪپتان پيٽ ڪمنز ايڊيليڊ ٽيسٽ ۾ ٽيم سان واپسي ڪندو.ميڊيا رپورٽن موجب، پيٽ ڪمنز پنج مهينن کانپوءِ ڊگهي فارميٽ ۾ آسٽريليا جي نمائندگي ڪندو، جڏهن ته جوش هيزل ووڊ انجري مسئلن سبب ايشز سيريز جو باقي ميچون نه کيڏي سگهندو.اينڊيو ميڪڊونلڊ چيو ته جوش هيزل ووڊ هيمسٽرنگ انجريءَ کانپوءِ کُڙي جي انجري جو شڪار ٿي ويو آهي، جڏهن ته پيٽ ڪمنز جي ايڊيليڊ ٽيسٽ لاءِ اسڪواڊ ۾ شموليت بابت اڄ اعلان ڪيو ويندو.