| فاسٽ بولر حسن علي جو يارڪ شائر سان معاهدو ٿي ويو |
لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلش ڪائونٽي ڪلب يارڪ شائر پاڪستان جي فاسٽ بولر حسن علي کي ويٽيليٽي بلاسٽ لاءِ اوور سيز رانديگر طور سائن ڪري ورتو. يارڪ شائر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب حسن علي هلندڙ سيزن دوران ٽي ٽوئنٽي بلاسٽ ۾ ٽيم جي نمائندگي ڪندو. پاڪستاني فاسٽ بولر 2 ڪائونٽي چيمپئن شپ جي ميچن ۾ به شرڪت ڪندو. ڪلب انتظاميه جو چوڻ آهي ته حسن علي کي افغان فاسٽ بولر نوين الحق جي انجي (Injury) سبب اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي جيڪو هن وقت ٽيم لاءِ دستياب ناهي. يارڪ شائر جي جنرل مئنيجر آف ڪرڪيٽ گيون هيملٽن جو چوڻ آهي ته حسن علي جو تجربو ۽ مهارت ٽيم لاءِ انتهائي فائديمند ثابت ٿيندي ۽ ڪلب کيس ايندڙ مهيني هيڊنگلي ۾ ڀليڪار چوڻ جو منتظر آهي.