فاصلا جنگين ۽ فوج ڪشي سان ختم نه ٿيندا، ڊائلاگ ڪلچر کي هٿي ڏيو: افتخار عارف

  فاصلا جنگين ۽ فوج ڪشي سان ختم نه ٿيندا، ڊائلاگ ڪلچر کي هٿي ڏيو: افتخار عارف

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾  جاري چئين ڏينهن واري عالمي اردو ڪانفرنس پڄاڻي تي پھتي اختتامي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد آصف حيدر شاهه چيو ته ادب ۽ ٻوليءَ تي ڏکيو وقت اچي رهيو آهي، ثقافت سان وابسته ماڻهن جو تعداد گهٽجندو پيو وڃي, هن چيو ته محمد احمد شاهه جو آرٽس ڪائونسل کي اڏڻ ۾ وڏو ڪردار آهي، هن ننڍڙي ٽيم سان آرٽس ڪائونسل کي اڳتي وڌائي آرٽ سٽي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو . هن چيو ته جڏهن هو تمام گهڻو پريشان ٿيندو آهي ته آرٽس ڪائونسل اچي سڪون محسوس ڪندو آهي، ڇو ته آرٽس ڪائونسل جي فضا ۾ آزاديءَ جي خوشبو آهي،  آرٽس ڪائونسل جي صدر محمد احمد شاهه خطاب ڪندي چيو ته اسان جو مقصد فيڊريشن کي مضبوط ڪرڻ آهي ته جيئن سمورا ذهين ذهن هڪ ڇت هيٺ گڏ ٿي غور و فڪر ڪري سگهن،  نامياري شاعر افتخار عارف چيو ته هن اهڙو ڪو ٻيو ادارو ناهي ڏٺو، جتي هڪ ڇت هيٺ ايترا اهم ثقافتي ڌارائون گڏ ٿينديون هجن. اسان کي سمورن ملڪن سان رابطا وڌائڻ گهرجن ۽ فنون ۽ ادب جي ميدان ۾ پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته سياسي هنگاما، دوريون ۽ فاصلا جنگين ۽ فوج ڪشي سان حل نٿا ٿين، اسان کي ڊائلاگ جي ڪلچر کي هٿي ڏيڻ گهرجي. عالمي اردو ڪانفرنس جي چوٿين ۽ آخري ڏينهن اردو افسانو“، پاڪستان جو ترقي پسند ادب، شعر و شاعري سان شغف، بلوچي ادب ۽ ثقافت، سنڌي ادب ۽ تنقيد جا معمار، پاڪستان جي معاشي صورتحال، سعيد نقوي جي افسانه نگاري، ڀرتو آهي فلڪ ورهين اصغر نديم سيد، جميل الدين عالي ۽ ناصر ڪاظمي جي سؤ ساله جشن، پاڪستاني راندين جا چيمپيئن، پاڪستان ۾ مصوريءَ جي ارتقائي سفر، نئين نسل جي نمائنده شاعرن علي زريون ۽ عمران عامي تي سيشن، جڏهن ته عمران اشرف سان ملاقات تي به دلچسپ گفتگو ٿي۔ ڪانفرنس جي آخري ڏينهن 16 ڪتابن جو مهورت ٿيو، رات دير سان واءِ ايم سي اي گرائونڊ ۾ آهنگ خسروي قوالي سان شاندار اختتام ڪيو ويو، جتي اياض فريد ۽ ابو محمد پنهنجي فن سان محفل کي جهومائي ڇڏيو