فاضل راهوءَ سنڌ جي حقن ۽ عوام جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪئي: ساڃاهه وند

  فاضل راهوءَ سنڌ جي حقن ۽ عوام جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪئي: ساڃاهه وند

ڪڙيوگهنور (ن پ ا) شھيد عوام محمد فاضل راهو جي 39 ھين ورسي جي حوالي سان ادبي ڪانفرنس راھوڪي ۾ منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ سنڌ جي نامور اديبن، شاعرن، دانشورن، استادن ۽ سماجي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ادبي ڪانفرنس جي صدارت احمد سولنگي ڪئي، جڏھن ته مهمانِ خاص ڊاڪٽر فتح محمد مري (وائيس چانسلر يونيورسٽي آف سنڌ) شرڪت ڪئي، اعزازي مهمان ڊاڪٽر شير مهراڻي، چيئرمين سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو، آجياڻي تقرير ادبي ڪانفرنس جي ڪنوينر پروفيسر عبدالله ملاح ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي شهيد فاضل راهو جي فرزند صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو ، اسلم راهو ۽ ٻين  مقررين چيو ته شھيد فاضل راهو سنڌ جي حقن، جمهوريت ۽ عوام جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد جي علامت هو، هن پنهنجي سڄي ڄمار مظلوم عوام جو آواز بڻجي گذاري، جنهن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي، ادبي ڪانفرنس ۾  ميان مير چانڊيو، خليل ڪنڀار، ڊاڪٽر جبار نظاماڻي، پروفيسر خادم مخدوم، ڊاڪٽر دودو مهيري ڊاڪٽر شرف الدين ٽالپر، ڊاڪٽر طفيل چانڊيو،  نقاش علواڻي، ڊاڪٽر اسماعيل ڪنڀار، ڊاڪٽر مخمور بخاري سميت ٻين اديبن ۽ دانشورن پنهنجا خيال پيش ڪيا،ادبي سيڪشن ۾ شاعرن، آڪاش ٽکڙائي، علي زاهد، دودو چانڊيو شاعريءَ  ۾ شھيد فاضل راهو جي جدوجهد تي شاعري پيش ڪئي، مقررين چيو ته شھيد فاضل راهو جو فڪري مشن ايندڙ نسلن تائين پهچائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، فاضل بھادري جو نالو ھو، لاڙ پٽ جي ناليواري راڳي الھڏنو جوڻيجو قومي گيت پيش ڪري ادبي ڪانفرنس ۾ شرڪ ماڻھن کي گرمائي ڇڏيو،