فاطمه جو ڪيس رياست وڙهندي، سردار 100 سيڪڙو ڌاڙيلن جا پاٿاريدار آهن، پوليس آفيسر رکڻ لاءِ پرچيون آيون آهن: نگران گهرو وزير

آگسٽ 30, 2023

ڪراچي (ڳالهه ٻولهه: حبيب جمالي) سنڌ جي نگران گهرو وزير رٽائرڊ برگيڊيئر حارث نواز چيو آهي ته سردار سئو سيڪڙو ڌاڙيلن جي پاٿاريداري ڪندا آهن، ڌاڙيلن جي پٺڀرائي ۾ سياستدان هجي يا ڪو ٻيو ، ڪنهن کي به نه ڇڏينداسين

ٽائيم نيوز سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي گهرو وزير چيو ته رينجرز جي مدد سان ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن کي انجام تي پهچايو ويندو

رٽائرڊ برگيڊيئر حارث نواز چيو ته ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي سوڌو سنڌ پوليس جا ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز تبديل ڪيا ويندا، آفيسرن جي مقررين بابت پرچيون آيون آهن، پرچي وارا آفيسر نه لڳايا ويندا، اسان جا ڪي به سياسي مفاد نه آهن

 

فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ وارثن ٺاهه ڪيو ته رياست فريادي ٿيندي

نگران گهرو وزير چيو ته فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي، هن ڪيس ۾ ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو، وارث ٺاهه ڪندا ته پوليس شاهه رخ ڪيس وانگر پاڻ مدعي بڻجي ويندي،هڪ سوال جي جواب ۾ نگران گهرو وزير چيو ته شهيد جان محمد مهر جا قاتل پڪڙينداسين، قاتل ڪچي ۾ لڪي ويا آهن ته اُتي به آپريشن هلي رهيو آهي

 

سردار ڌاڙيلن جا پئسا رکن ٿا ۽ پڪي جي انفارميشن ڏين ٿا

گهرو وزير چيو ته سردار 100 سيڪڙو ڌاڙيلن جي پاٿاريداري ڪن ٿا، انهن کي پروٽيڪٽ ڪن ٿا، ڌاڙيلن جا پئسا رکن ٿا، پڪي جي انفارميشن ڏين ٿا، هن چيو ته ڊي جي رينجرز سان به ميٽنگ ڪئي آهي، ڌاڙيل وڊيو ٺاهي ٿريٽ ڪري رهيا آهن، اسان جي ذميواري آهي، اسان عوام کي تحفظ ڏينداسين

هن چيو ته مقامي اهلڪار ڊڄندا آهن، انتقام وٺندا آهن، جيڪڏهن اهڙو ڪو معاملو ٿيو يا ڀنگ جو معاملو ٿيو ته اهو به اسان پاڻ ڏسي وٺنداسين، آئون پاڻ به گھوٽڪي، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ويندس، آپريشن کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين

گهوٽڪي، شڪارپور، ڪشمور، سکر جا ايس ايس پيز تبديل ٿيندا

 گهرو وزير چيو ته پوليس، گھرو کاتي ۽ جيلن واري کاتي کي ملندڙ فنڊن جي آڊٽ رپورٽ چيڪ ڪنداسين يا پاڻ آڊٽ ڪرائيندس، هن چيو ته اسان شفاف اليڪشن لاءِ آياسين، اليڪشن ڪميشن جيڪو فيصلو ڪري. هن چيو ته ڌاڙيل گردي پيچيده مسئلو آهي، مون پاڻ به آپريشن ۾ حصو ورتو، هاڻي به ساڳي صورتحال آهي، نوان ڊي آءِ جيز مقرر ٿيندا، گھوٽڪي، شڪارپور، ڪشمور، سکر جا ايس ايس پيز به تبديل ڪرڻ  وڃون پيا

اردو، پنجابي، بلوچي ڳالهائيندڙ به ايس ايچ او مقرر ڪيا ويندا: گهرو وزير

نگران گھرو وزير چيو ته رڳو هڪ زبان وارا ايس ايچ او نه لڳندا، هن شهر ۾ رهندڙ سٺي ساک رکندڙ سنڌي، اردو، پنجابي، بلوچي ڳالهائيندڙن کي به ايس ايچ او لڳايو ويندو، ٿاڻو ڪلچر تبديل ٿيندو، ايس ايچ اوز ٿاڻن تي ويهندا

Leave A Comment