فاطمه جي امڙ فياض شاهه کي به نامزد ڪرڻ لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي

آگسٽ 24, 2023

راڻيپور(رپورٽر) راڻيپور جي حويلي ۾ تشدد ڪري ماريل ٻارڙي فاطمه جي قتل ڪيس ۾ امڙ شبنم ڦرڙو حنا شاهه جي پيءُ فياض شاهه کي به ڪيس ۾ نامزد ڪرڻ لاءِ راڻيپور ٿاڻي تي درخواست ڏئي ڇڏي

درخواست ۾ شبنم چيو آهي ته مون پنهنجي ڌيءُ فياض شاهه حوالي ڪئي هئي، فياض شاهه فاطمه کي پنهنجي ڌيءُ حنا شاهه جي حوالي ڪيو

ٻئي طرف راڻيپور پوليس اسد شاهه جي حمايت ۾ ڪٺ ڪوٺائي پوليس ۽ صحافين کي ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي

هي به پڙهندا

ڪيس ۾ 3 سڃاتل ۽ 40 اڻڄاتل جوابدار نامزد، سڃاتل جوابدارن ۾ درگاهه راڻيپور جو خليفو علي حسن ملاح، مريد عباس سولنگي ۽ اڪرم بهڻ شامل ڪيا ويا آهن

 اي ايس آءِ سيد اصغر شاهه جي مدعيت ۾ داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار علي حسن ملاح ڪيس تي اثر انداز ٿيڻ لاءِ ڪٺ گهرايو، اطلاع تي اسان پهتاسين ته علي حسن ملاح ماڻهن ۾ نفرت ڀڙڪائي رهيو هو

Leave A Comment