ڪوٽڙي (رپورٽر) راڻيپور ۾ قتل ٿيل معصوم نياڻي فاطمه جي قاتلن جي گرفتاري ۽ ڦاھي ڏيڻ لاءِ ھٿن ۾ انصاف جي ترازو کڻي اکين تي ڪرايون پٽيون ٻڌي انوکو احتجاج ڪيو ويو
ڪوٽڙي ۾ ڄامشورو سجاڳ فورم جي نياڻين پاران راڻيپور ۾ بيدردي سان قتل ڪيل معصوم نياڻي فاطما جي انصاف لاءِ ھٿن ۾ انصاف جي طرازو کڻي اکين تي ڪاريون پٽيون ٻڌي انوکو احتجاج ڪيو ويو
ان موقعي تي ڄامشورو سجاڳ فورم جي اڳواڻن اقبال ڪوريجو , جاني گھرياڻي ۽ ٻين چيو ته ھي نياڻيون ھٿن ۾ انصاف جون ترازو کڻي اکين تي ڪاريون پٽيون اھو مطالبو ڪري رھيون آھي ته معصوم فاطما جي قاتلن کي سرعام ڦاھي ڏني وڃي
هنن چيو ته شهيد فاطمه جي خون سان انصاف نه ٿيو ته هن ملڪ جي عدالتن مان ماڻهن جو اعتماد ئي کڄي ويندو، جيڪي ماڻهو نياڻيء جو خون لوڙهڻ لاء پيرن جي سهولتڪاري ڪري رهيا آهن اهن کي به گرفتار ڪيو وڃي