راڻيپور (رپورٽر) راڻيپور جي حويلي ۾ تشدد ڪري ماريل معصوم ٻارڙي فاطمه جي قتل ڪيس ۾ گرفتار اسد شاهه کي عدالت وڌيڪ ٽن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو
جوابدار اسد شاهه کي منهن تي ڪپڙو ويڙهي عدالت آندو ويو، مقتول ٻارڙي فاطمه جي امڙ ۽ ٻيا وارث ۽ سندن وڪيل به عدالت آڏو پيش ٿيا، عدالت جوابدار جو وڌيڪ ٽن ڏينهن لاءِ رمانڊ منظور ڪري ورتو، جنهن بعد کيس پوليس حوالي ڪيو ويو
فاطمه قتل ڪيس ۾ پوليس اسد شاهه جي گهرواري حنا شاهه کي گذريل ڏينهن روپوش قرار ڏنو هو، حنا شاهه جو پيءُ فياض شاهه ۽ سندس پٽ به روپوش آهن
ايس ايس پي روحل کوسو جو چوڻ آهي ته پوليس اسد شاهه ۽ فياض شاهه سميت حويلي ۾ موجود 11 ڄڻن جا ڊي اين اي سيمپل ورتا آهن
ايس ايس پي موجب فياض شاهه ۽ سندس پٽ جاچ ۾ شامل ٿيڻ کان بچڻ لاءِ روپوش ٿي ويا آهن، جڏهن ته راڻيپور ايٽ سوڀوديرو سول ڪورٽ ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا