راڻيپور (پنهنجي ڊيسڪ) راڻيپور جي حويلي ۾ معصوم نينگري فاطمه ڦرڙو جي قتل ڪيس ۾ گرفتار مک جوابدار اسد شاهه کي عدالت آڏو پيش ڪيو ويو
نينگري جا والدين به عدالت ۾ موجود هئا، پوليس 4 ڏينهن جو جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ تي اسد شاهه کي ٻيهر عدالت آڏو پيش ڪيو
عدالت پوليس جي 10 ڏينهن جي رمانڊ درخواست رد ڪندي جوابدار اسد شاهه کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو
جڏهن ته حويلي مان آزاد ڪرايل نينگريون به سيڪيورٽي ۾ وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، عدالت ۾ نينگري فاطمه جي امڙ به پيش ٿي انصاف جو مطالبو ڪيو
ايس ايس پي خيرپور روحل کوسو جي اڳوڻي ۾ پوليس گذريل ڏينهن حويلي ۾ سرچ آپريشن دوران وڌيڪ 4 ٻارڙين کي بازياب ڪرايو هو
حويلي مان عبدالستار شاهه، مسعود شاهه ۽ بچل شاهه سوڌو 4 ڄڻا به گرفتار ڪيا ويا، راڻيپور جي حويلي ۾ ملازمه نينگري کي تشدد ڪري مارڻ واري ڪيس ۾ سهولتڪاري ڪرڻ تي اڳوڻو ايم ايس به گرفتار ٿي چڪو آهي، اسد شاهه سوڌو قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪيل جوابدارن جو انگ 6 ٿي ويو آهي
نينگري فاطمه ۽ اسد شاهه سوڌو 4 ڄڻن جا جُزا وٺي ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ ليبارٽري اُماڻيا ويا، حويلي ۾ معصوم ملازمه فاطمه جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ساڻس جنسي زيادتي جي تصديق ٿي چڪي آهي