خيرپور(رپورٽر) معصوم فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار 12 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي سي ٽي ڊي حوالي ڪيا ويا
راڻيپور جي حويلي ۾ قتل ٿيل معصوم فاطمه ڦرڙو ڪيس جي چئني جوابدارن جوابدار اسد شاهه، حنا شاهه، فياض شاهه ۽ امتياز ميراثي کي خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو
فاطمه جي امڙ شبنم ۽ پيءُ نديم ڦرڙو کي به سخت سيڪيورٽي ۾ عدالت آندو ويو، قتل ڪيس ۾ ملوث چئني جوابدارن جو وڌيڪ 12 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو ويو
عدالتي حڪم تي جوابدار عورت حنا شاهه کي هڪ ڀيرو ٻيهر جيل منتقل ڪيو ويو