فاطمه قتل ڪيس: حنا شاهه ۽ فياض شاهه جي ضمانت منظور

سيپٽمبر 20, 2023

حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) راڻيپور جي حويلي ۾ معصوم نينگري فاطمه ڦرڙو واري قتل ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حنا بي بي ۽ پير سيد فياض شاهه جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي

گرفتار جوابدار سيد عبدالجبار عرف اسد شاهه جي زال حنا بي بي ۽ سندس سهري پير سيد فياض شاهه وڪيل ولي محمد کوسو معرفت ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي

جسٽس محمود اي خان ۽ جسٽس ذوالفقار علي سانگي تي مشتمل ڊويزن بئنچ وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد ٻنهي ڄڻن جي گرفتاري کان اڳ واري حفاظتي ضمانت منظور ڪندي کين 50-50 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو

 واضح رهي ته شروعاتي طور حنا شاهه سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ مان 7 ڏينهن لاءِ حفاظتي ضمانت ڪرائي هئي پر گرفتاري جي خوف سبب هو لاڳاپيل عدالت ۾ پهچي عبوري ضمانت حاصل نه ڪري سگهي جڏهن ته فياض شاهه ڪيس ۾ لاڳيتو روپوش هو

عدالت راڻيپور پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته هو حفاظتي ضمانت دوران ٻنهي ڄڻن کي گرفتار نه ڪن جڏهن ته جوابدار 26 سيپٽمبر تائين لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿي پنهنجي عبوري ضمانت ڪرائين

Leave A Comment