راڻيپور (رپورٽر) راڻيپور جي حويلي ۾ تشدد ڪري ماريل نينگري فاطمه جي ڪيس ۾ گرفتار ايس ايڇ او امير چانگ، ڊاڪٽر فتاح ميمڻ، علي حسن وساڻ ۽ ڊسپينسر کي پوليس آزاد ڪري ڇڏيو
هاءِ پروفائيل ڪيس جي ميڊيا تي جوابدارن جي آزاديءَ واري خبرن بعد جوابدارن کي ٻيهر حراست ۾ ورتو ويو، پوليس موجب فاطمه ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن کي آزاد ڪرڻ بعد ڪجھه ڪلاڪن کان پوءِ ئي ٻيهر حراست ۾ ورتو ويو آهي
جاچ آفيسر بچل چيو ته پوليس موجب ايس ايڇ او امير چانگ ۽ ڊاڪٽر فتاح ميمڻ حقيقتون لڪايون هيون، جوابدارن پنهنجي بي گناهيءَ جا ثبوت ڊي ايس پي عبدالقدوس ڪلهوڙو جي سربراهي ۾ قائم ڪاميٽي کي پيش ڪيا، جاچ آفيسر ٻڌايو ته چارئي جوابدار اڃا جاچ ۾ شامل آهن ۽ پوليس تحويل ۾ آهن
جاچ ڪاميٽي ۾ شامل ايس ايڇ او بچل قاضي چيو ته سمورا جوابدار پوليس تحويل ۾ موجود آھن جي آءِ ٽي سھولتڪاري جي الزام ۾ گرفتار ٿيل سمورن جوابدارن کان جاچ مڪمل ڪري ورتي آھي ھن چيو سمورن جوابدارن پنھنجا بيان مڪمل ڪري ورتا آھن جي آءِ ٽي جي جاچ دوران جوابدار بيگناھه ثابت ٿيا آھن، انھن جي آزادي يا ڪيس ۾ نامزد ڪرڻ جي فيصلو جي آءِ ٽي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو
تشدد بعد قتل ٿيل نيگري فاطمه جي واقعي ۾ سھولتڪاري جي الزام ھيٺ گرفتار ٿيل ايس ايڇ او امير چانگ ڊاڪٽر عبدالفتاح ميمڻ، اڳوڻو ايم ايس علي حسن وساڻ ڊسپينسر امتياز کي جاچ مڪمل ٿيڻ بعد آزاد ڪرڻ بعد ٻيهر گرفتار ڪيو ويو