سکر (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران راڻيپور ۾ مبينا طور قتل ٿي ويل نينگري فاطمه جي ڪيس ۾ گهربل جوابدار حنا شاهه جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي
مبينا طور حويلي ۾ قتل ڄاڻايل نينگري فاطمه جي ڪيس ۾ نامزد جوابدار حنا شاهه ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر پهچي درخواست داخل ڪرائي وئي
سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو تي ٻڌل سنگل بئنچ ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران جوابدار حنا شاهه پنهنجي وڪيل سان گڏ پيش ٿي
عدالت نينگري فاطمه جي قتل ڪيس ۾ جوابدار حنا شاهه جي 30 هزار روپين عيوض 7 ڏينهن لاءِ عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي