فاطمه ڦرڙو سان زيادتي جي تصديق: پير اسد شاهه سان ڊي اين اي جزا ميچ: وزيرقانون
نومبر 9, 2023
ڪراچي (رپورٽ : نظير ميمڻ ) قانون ۽ انساني حقن واري وزير عمر سومرو چيو آھي ته راڻيپور جي پيرن زيادتي بعد بيدردي سان قتل ٿيل معصوم فاطمھ ڦرڙو ڪيس جا ڊي اين اي جزا صحت کاتي جي عملدارن جي ملي ڀڳت سان تباھه ڪرايا
اسان پنجاب مان ٽيسٽ ڪرائي، جتي ڊي اين اي جا جزا پير اسد شاهه سان ميچ ٿي ويا، آئون پيرن جي حويلي ۾ ڪم ڪندڙ فاطمه ڦرڙو ڪيس جي سلسلي ۾ خيرپور ويو ھئس، ڊي اين اي جا نمونا هڪجهڙا نه ھئا
ڪالهه هتي مقامي ھوٽل ۾ نيشنل جوڊيشل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته نگران ڪابينا ۾ فائر فائٽر ٽائيپ اڳواڻ موجود آھن پر اختيار تمام گھٽ آھن، ھن چيو ته ايپڪس ڪاميٽي ۾ شامل رھيس، ملاقاتن ۾ بريفنگ به ڏني وئي، قبيلائي سردار ۽ چونڊيل نمائندا ڌاڙيلن جا سرپرست آھن
هن چيو ته مون شڪارپور جي اسپتال جو دورو ڪيو، اتي حالت خراب هئي، دعا آهي ته وڏيرن جا ٻار به سرڪاري اسپتالن مان علاج ڪرائين، شڪارپور ۾ ايسٽرو ٽرف گرائونڊ اڳوڻي صوبائي وزير جي والد جي نالي تي ٺاهيو ويو آھي
عمر سومرو جو چوڻ ھو تھ ڊي سي کي عوامي هنڌن تي نالا رکڻ جي حوالي سان جسٽس صلاح الدين پنھور جو حڪم ڏيکاريو پر ٽي هفتا گذري ويا آهن اڃا تائين گرائونڊ جو نالو تبديل نه ڪيو ويو آهي، تقريب کي سينيئر وڪيل اڳواڻ نديم شيخ، شھاب سرڪي ۽ ٻين خطاب ڪيو
فاطمه ڦرڙو ڪيس جو 3 مهينن بعد چالان پيش، جوابدار جيل حوالي
خيرپور (رپورٽر) راڻيپور ۾ پيرن جي حويليءَ ۾ تشدد سبب فوت ٿي ويل معصوم نينگري فاطمه ڦرڙو جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن حنا شاهه، فياض شاهه، اسد شاھ ۽ امتياز ميراثي جو 7 ڏينهن وارو جوڊيشل ريمانڊ پورو ٿيڻ بعد کين سي ٽي ڊي پوليس سکر، دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو، ان دوران ٽن مهينن کانپوءِ جاچ آفيسر طرفان جوابدارن جو چالان عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. چالان پيش ڪرڻ بعد عدالت طرفان جوابدارن کي 16 ڏينهن لاءِ جيل ڪسٽڊي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، جڏهن ته جوابدارن کي ٻيهر 24 نومبر تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ٻئي پاسي جوابدار ڌر جي وڪيل مراد علي شاهه عدالتي احاطي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اڄ پوليس طرفان جوابدارن جو پڪو چالان عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ھن چيو ته هاڻي ڪيس پوليس جي هٿن مان نڪري عدالت وٽ پهتو آهي ۽ هاڻي عدالت ٽرائل هلائيندي. ھن چيو ته جوابدارن مٿان لڳايل الزامن بابت سمورا دستاويز جمع ڪرايا ويا آهن. ھن چيو ته عدالت طرفان جوابدارن جي پيشي لاءِ 24 نومبر جي تاريخ ڏني وئي آهي ان ڏينهن جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.