فاطمه ڦرڙو ڪيس: حنا شاهه نيٺ گرفتار، ايس ايچ او معطل

سيپٽمبر 26, 2023

خيرپور/راڻيپور (رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو+رضا راڄپر)  پيرن جي حويلي ۾ قتل ٿيل فاطمه ڦرڙو جي ڪيس ۾ گھربل جوابدار حنا شاھ

 حيدرآباد جي ڪورٽ ٻاهران سي ٽي ڊي پوليس ڪيس جي انچارج عبدالقدوس ڪلوڙ پوليس پارٽي سان گڏجي گرفتار ڪري ورتو

کيس اڄ اي ٽي سي ڪورٽ خيرپور ۾ پيش ڪيو ويندو، ياد رهي ته  فاطمه ڪيس ۾ پير اسد شاھ، پير فياض شاھ اڳ ۾ گرفتار ٿيل آھن.ٻي طرف  فاطمه ڦرڙو واري واقعي ۾ نامزد جوابدار پير اسد شاهه، سهولت ڪار امتياز ميراثي ۽ ڊرائيور اعجاز قاضي کي سي ٽي ڊي پوليس سکر طرفان خيرپور ۾ دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

 ان موقعي تي پوليس طرفان عدالت کي جوابدارن جي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي وئي پر عدالت جوابدارن جو 9 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪندي کين پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. جوابدارن جي عدالت ۾ پيشي دوران سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا

Leave A Comment