فاطمه ڦرڙو ڪيس:لمس پاران ڊي اين اي رپورٽ صحت کاتي کان لڪائڻ جو انڪشاف:نئين سر جاچ جو حڪم:سيمپل اماڻڻ تي به ڪاميٽي ورهايل

ڊسمبر 14, 2023

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) راڻيپور جي حويلي ۾ تشدد ڪري ماريل معصوم ٻارڙي فاطمه ڦرڙو سان زيادتي جي تصديق باوجود لمس جي ليبارٽري پاران لاڳاپيل اختيارين کي آگاهه نه ڪرڻ جو انڪشاف، انڪوائري شروع ٿيڻ بعد لمس ليبارٽري پاران فاطمه جا ڊي اين اي سيمپلز پازيٽو اچڻ جي رپورٽ ڏني وئي، صحت جي نگران صوبائي وزير پاران فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ انڪوائري ڪاميٽي جي سربراھ تي تي عدم اعتماد  ظاهر، سنڌ سرڪار انڪوائري رپورٽ کي رد ڪندي مامري جي  نئين سِر انڪوائري  ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

 ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب راڻيپور جي حويلي ۾ جنسي زيادتي بعد پراسرار نموني فوت ٿيل ٻارڙي فاطمه ڦرڙو بابت سنڌ سرڪار پاران قائم ڪيل انڪوائري ڪاميٽي جي ميمبرن جو صحت واري نگران وزير سعد خالد نياز جي صدارت  هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ انڪوائري ڪاميٽي جي سربراھ  پروفيسر ڊاڪٽر وحيد ناهيون ميمبرن ڊاڪٽر سعيد خان،  آصف قريشي ۽ ايل ايم سي جي ليب انچارج پروفيسر علي ورا ۽ ٻين شرڪت ڪئي

 اجلاس ۾ فاطمه ڦرڙو ڪيس بابت وڏا انڪشاف سامهون آيا. جنهن بعد صحت واري نگران وزير سعد خالد نياز انڪوائري ڪاميٽي جي سربراھ ڊاڪٽر وحيد ناهيون تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي معاملي جي نئين سِر انڪوائري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي

 اجلاس ۾ ڳالهائيندي صحت واري وزير چيو ته ڪاميٽي جي چيئرمين جي نان پروفيشنل رويي سبب لمس جي رپورٽ صوبائي وزير کي ڏيکارڻ کان اڳ ميڊيا ۾ ليڪ ڪئي وئي

هن چيو ته ڊي اين اي جا نمونا(سيمپل)  مثبت اچڻ تي ليبارٽري پاران اعليٰ آفيسرن کي آگاهي ڏيڻ ۾ به ڪوتاهي ڪئي وئي

هن چيو ته جاچ شروع ٿيڻ دوران دٻاءُ تحت ڊي اين اي جي موجودگي بابت معلومات ڏيڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي

 اجلاس ۾ ميمبرن پاران لمس ڄامشوري جي ليبارٽري طرفان پيش ڪيل رپورٽ ۾ غلطين ۽ پيشواراڻي قابليت جي گهٽتائي تي به سخت تنقيد ڪئي وئي

 ميمبرن چيو ته انڪوائري ڪاميٽي لمس ليبارٽري جي غير پيشيوراڻين حرڪتن تي ڪو قدم ناهي کنيو.

 ڊي اين اي سيمپل حيدرآباد يا ڪراچي اماڻڻ تي به ڪاميٽي ورهايل

فاطمه ڦرڙو ڪيس جا ڊي اين اي سيمپل حيدرآباد يا ڪراچي اماڻڻ تي به انڪوائري ڪاميٽي جا ميمبر ٻن حصن ۾ ورهايل هئا! ميمبرن جو هڪ ٻئي سان اتفاق نه هجڻ تي به اجلاس کي آگاهي ڏني وئي، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  ڪالهه صحت واري نگران صوبائي وزير سعد خالد نياز پاران ڪوٺايل اجلاس ۾ اهو معاملو به ڦاٽي پيو ته انڪوائري ڪاميٽي جا ميمبر انڪوائري دوران هڪ پيج تي نه هئا، اجلاس کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ويو ته ڊي اين اي جا سيمپل حيدرآباد يا ڪراچي اماڻڻ بابت به ميمبرن پاران هڪٻئي سان اتفاق نه ڪيو ويو هو، جنهن ڪري ميمبرن ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا هئا

فاطمه جي نمونن مان ڊي اين اي جي سڃاڻپ  ٿي وئي هئي: لمس جو ليب انچارج

 لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي هدايتن تي اجلاس ۾ آيل ايل ايم سي ليب جي انچارج پروفيسر علي ورا ٻڌايو ته فاطمه ڦرڙو جي نمونن مان ڊي اين اي جي شناخت ٿي وئي هئي، هن چيو ته ڊي اين اي جا ميچنگ رزلٽ هڪ هفتي ۾ پوليس پراسيڪيوشن ڊپارٽمينٽ جي مدد لاءِ متوقع هئا جنهن ۾ دير ٿي وئي

پوليس پراسيڪيوشن ڊپارٽمينٽ جي مدد ڪرڻ لاءِ هڪ هفتي اندر ڊي اين اي جي ملاپ جا نتيجا متوقع هئا

Leave A Comment