خيرپور/ راڻيپور(رپورٽرز) خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت راڻيپور ۾ تشدد ڪري ماريل ٻارڙي فاطمه جي قتل ڪيس ۾ گرفتار حنا شاهه کي 8 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو
ڌمڪين واري ڪيس ۾ گرفتار فياض شاهه ۽ منصور بٽ 8-8 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي سي ٽي ڊي پوليس حوالي ڪيو ويو
جوابدار حنا شاهه روپوش رهڻ بعد گذريل ڏينهن حيدرآباد ۾ گرفتاري پيش ڪئي هئي، حنا شاهه کي سخت پهري هيٺ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو
ميڊيا جي نمائندن کي جوابدار حنا شاهه، سندس پيءُ فياض شاهه ۽ منصور بٽ جي ويجهو وڃڻ نه ڏنو ويو، راڻيپور پوليس ڪٺ دوران ڌمڪين جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيل فياض شاهه جي فاطمه قتل ڪيس ۾ گرفتاري اڃا ظاهر نه ڪئي آهي
ذريعن موجب حيدرآباد جي عدالت مان ضمانت تي هئڻ سبب فياض شاهه جي رڳو ڌمڪين واري ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر ڪئي وئي هئي
گذريل ڏينهن حيدرآباد جي عدالت فياض شاهه جي ضمانت واري شوئرٽي رد ڪندي کيس ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو