راڻيپور)ن پ ا) فاطمه قتل ڪيس ۾ اسد شاهه جي حويلي مان 4 معصوم ٻارڙيون بازياب
ايس ايس پي خيرپور مير روحل کوسو جي اڳواڻي ۾ سرچ آپريشن دوران پوليس چار معصوم ٻارڙيون ھٿ ڪري ورتيون، جن جي عمر 5 سال کان 7 سال آهي
ايس ايس پي موجب هٿ آيل 4 معصوم ٻارڙيون ملزم اسد شاهه جي گهر ۾ قيد هيون، جن کان گهر جو ڪم ورتو ويندو هو، ٻارڙين کي قانوني ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويندو