معصوم فاطمه ۽ جان محمد مهر جي قتل خلاف خيرپور ۾ جسقم جو ڌرڻو

آگسٽ 22, 2023

خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ٿيٻا برادري جي زمين افغاني پٺاڻ کي وڪرو ڪري ڏيڻ، بدامني، صحافي جان محمد مهر ۽ راڻيپور ۾ ٻارڙي فاطمه ٻرڙو جي قتل خلاف جسقم ڪارڪنن ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڊپٽي ڪمشنر آفيس ٻاهران نٽهڻ اُس ۾ڌرڻو هنيو

ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌ ۾ سنڌي ماڻهن جي زمينن تي قبضا ڪري غير سنڌين کي زمينون وڪرو ڪيون پيون وڃن

ھن چيو ته خيرپور ۾ ٿيٻا برادري جي زمين ۾ هيرا ڦيري ڪري افغاني پٺاڻ کي ڏني وئي آهي جنهن جي مذمت ڪريون ٿا

ھن چيو ته راڻيپور ۾ پيراڻي حويلي ۾ ٻارڙي فاطمه کي تشدد ڪري قتل ڪرڻ واري واقعي هر ماڻهوءَ جو ضمير جهنجهوڙي ڇڏيو آهي جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ تائين خاموش نه ويهنداسين

هن چيو ته سکر جي سينئر صحافي جان محمد مهر کي حق سچ جو آواز بلند ڪرڻ تي قتل ڪيو ويو قاتلن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي

نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌ ۾ بدامني جي باهه ٻري رهي آهي پر پوليس امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ ۾ مثبت ڪردار ادا نه پئي ڪري

Leave A Comment