فحش وڊيوز ٺاهيندڙ ٺٽي واسي نوجوان حيدرآباد مان گرفتار

جُولاءِ 28, 2023

ٺٽو ( رپورٽر ) مڪلي واسڻ ماسترياڻي کي مبينا بليڪ ميل ڪري فحش ويڊيوز ٺاهيندڙ ٺٽي واسي نوجوان کي ضمانت رد ٿيڻ تي ايف آئي اي حيدرآباد مان گرفتار ڪري ورتو آهي

ڪجھه مهينا اڳ مڪلي واسڻ ماسترياڻي بختارو شاھ  مڪلي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائيندي الزام هنيو هيو ته کيس ٺٽو واسي حسن عرف سورج قريشي بليڪ ميل ڪرڻ سان گڏ فيڪ فحش ويڊيوز ٺاهي مسلسل تنگ ڪري جيئڻ عذاب بڻائي ڇڏيو آهي

 ماسترياڻي پاران اهڙي درخواست ايف آئي اي کي پڻ ڏني وئي هئي جنهن تي ايف آئي اي سائبر ڪرائم تحت ڪيس داخل ڪري ڄاڻايل جوابدار کي سيشن ڪورٽ حيدرآباد مان ضمانت رد ٿيڻ  تي گرفتار ڪري ورتو

لاڳاپيل پوسٽون

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار

  • وڳڻ ڀرسان حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي