| فخر جي شاندار سينچري: قلندرز گليڊيئيٽرز کي 9 رنسن تان هارائي ڇڏيو: راولپنڊيز بعد ڪوئيٽا جو به پي ايس ايل جو سفر ختم |
لاهور (اسپورٽس نيوز) ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 188 رنسون ٺاهي سگهي. پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 11 ۾ لاهور قلندرز پشاور زلمي کي 9 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيل ايونٽ جي 31 هين ميچ ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي رنسون ٺاهي سگهي. گليڊي ايٽرز جي طرفان رائيلي روسو 62 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. شامل حسين 53، ڪپتان سعود شڪيل 17، خواجه نافع 12، بريٽ هيمپٽن 7، بيون جيڪبز 2 ۽ حسن نواز 0 جي انفرادي اسڪور تي آئوٽ ٿيا. ابرار احمد 24 ۽ الزاري جوزف 3 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. قلندرز جي طرفان حارث رئوف 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته سکندر رضا، اسامه مير، شاهين شاهه آفريدي ۽ عبيد شاهه 1، 1 وڪيٽ حاصل ڪئي. ان کان اڳ لاهور قلندرز ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪندي فخر زمان جي 51 بالن تي 103 رنسن جي شاندار اننگز جي بدولت مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 197 رنسون ٺاهيون. چارتھ اسالنڪا 31، عبدالله شفيق 14، شاهين آفريدي 8، سکندر رضا 5 ۽ محمد فاروق 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا جڏهن ته ڊينيئل سيمز 18 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي طرفان خليل احمد 2 جڏهن ته ابرار احمد، بريٽ هيمپٽن ۽ عثمان طارق هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.