لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني جي جارحاڻي اوپننگ بيٽر فخر زمان فٽنيس مسئلن سبب بنگلاديش خلاف ون ڊي سيريز مان ٻاهر ٿي ويو آهي.آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ سريلنڪا خلاف جارحاڻي اننگز کيڏندڙ فخر زمان هيمسٽرنگ انجري جو شڪار ٿي ويو، جنهن سبب هو بنگلاديش دوري کان ٻاهر ٿي ويو آهي فخر زمان فٽنيس حاصل ڪرڻ لاءِ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي (اين سي اي) ۾ ري هيب ڪندو.