فخر زمان صحتياب، ورلڊ ڪپ 2027ع لاءِ تيارين ۾ مصروف

فخر زمان صحتياب، ورلڊ ڪپ 2027ع لاءِ تيارين ۾ مصروف

لاهور (اسپورٽس  نيوز) پاڪستاني اوپنر فخر زمان اعلان ڪيو آهي ته هو انجريءَ مان مڪمل طور تي صحتياب ٿي چڪو آهي ۽ ٻيهر ڀرپور انداز ۾ بيٽنگ پريڪٽس شروع ڪري ڇڏي آهي. لاهور ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊميءَ جي وائيٽ بال ڪئمپ دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هاڻي ان جي سڄي توجهه 2027ع آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي تيارين تي آهي. فخر زمان موجب گذريل ڪجھه مهينن کان جاري تربيتي ڪئمپ رانديگرن کي پنهنجي ڪمزورين تي ڪم ڪرڻ جو بهترين موقعو فراهم ڪيو آهي ڇو ته ميچن دوران اهڙين خامين تي توجهه ڏيڻ آسان ناهي هوندو. هن چيو ته اڃا ورلڊ ڪپ ۾ ڪافي وقت باقي آهي ان ڪري رانديگر پنهنجي صلاحيتن کي وڌيڪ نکاريندا. فخر زمان نوجوان ڪرڪيٽرن کي مشورو ڏنو ته صرف هڪ يا ٻن سٺين پي ايس ايل اننگز جي بنياد تي ڪنهن کي وڏو رانديگر قرار نه ڏيڻ گهرجي ڇو ته ڊوميسٽڪ ۽ بين الاقوامي ڪرڪيٽ ۾ واضح فرق هوندو آهي.

 ان جو چوڻ هو ته قومي ٽيم ۾ جڳهه مستقل ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ملڻ گهرجي. فخر زمان وڌيڪ ٻڌايو ته هو نيشنل چيمپئنز ڪپ ذريعي مسابقتي ڪرڪيٽ ۾ واپسيءَ جو ارادو رکي ٿو ۽ ڏکڻ آفريڪا جي باؤنس واريون وڪيٽن تي پنهنجي ماضيءَ جي ڪامياب تجربن جي بدولت 2027ع ورلڊ ڪپ لاءِ پُراميد آهي.