پيرس (ڪلچرل ڊيسڪ) فرانسيسي سينيما جي آئڪن برگيٽ بغدائو 91 سالن جي عمر ۾ لاڏڻو ڪري وئي، پرڏيهي نيوز ايجنسي موجب برگيٽ 1952 کان 1973 تائين فرانسيسي فلمن ۾ ڪم ڪيو. برگيٽ فرانس ۾ بي بي جي نالي سان مشهور آهي، 39 سالن جي عمر ۾ اداڪاري تان رٽائر ٿيڻ کانپوءِ برگيٽ پنهنجي زندگي جانورن جي حقن لاءِ وقف ڪري ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، هن پنهنجي فائونڊيشن ذريعي عالمي سطح تي جانورن جي تحفظ لاءِ وڏي پيماني تي مهم هلائي،