فرح گوگي عطا تارڙ کي 5 ارب رپين جو قانوني نوٽيس اماڻي ڇڏيو

نومبر 14, 2023

لاهور(پنهنجي ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين جي گهرواري جي ويجهي دوست فرح گوگي ن ليگ اڳواڻ عطا تارڙ کي قانوني نوٽيس موڪلي ڇڏيو آهي

فرحت شهزادي عرف فرح گوگي ن ليگ اڳواڻ عطا تارڙ کي 5 ارب رپين جو قانوني نوٽيس موڪليو، جڏهن ته نيب چيئرمين ۽ ڊي جي ايف آءِ اي کي به نوٽيس موڪليا ويا آهن

نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته عطا تارڙ ڪوڙا الزام هنيا ۽ غلط ڄاڻ جاري ڪئي، سمورا اثاثا ڊڪليئر آهن، تنهن ڪري عطا تارڙ الزام واپس وٺي ۽ 7 ڏينهن ۾ معافي گهري

نوٽيس موجب عطا تارڙ معافي نه گهري ته ساک کي نقصان پهچائڻ جي دعويٰ داخل ڪئي ويندي

Leave A Comment