ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) پ پ پاران سنڌ ورھائڻ بابت ٿيندڙ سازشن خلاف احتجاجي تحريڪ ھلائڻ جي سلسلي ۾ پ پ ضلعي ميرپورخاص جو اجلاس ضلعي صدر ايم اين اي مير منور ٽالپر جي صدارت ۾ ٿيو، جنھن ۾ پ پ جي ضلعي تنظيمن جي صدرن، جنرل سيڪريٽرين سميت ايم پي اي ھريرام ڪشوري لال، صوبائي صلاحڪار جنيد بُلند، ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين مير انور ٽالپر، ميئر عبدالرئوف غوري، پ پ ميونسپل ڪارپوريشن جي صدر پير عزت شاھ جيلاني، ضلعي نائب صدر اسحاق ناريجو، پ پ ليڊيز ونگ جي صدر شميم جھنڊير، مير علي رضا رضا ٽالپر، جاني ٽالپر شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پارٽيءَ جي حڪمن تحت تحريڪ ھلائڻ جي سلسلي ۾ رٿابندي ڪئي وئي ۽ سمورن ڪارڪنن پارٽيءَ جي پاليسين موجب تحريڪ ھلائڻ جي حمايت ڪئي. اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي مير منور ٽالپر چيو تھ اڄ پ پ سنڌ جي صدر نثار کھڙي جي ھدايتن تي اجلاس ڪوٺايو ويو آھي، جنھن ۾ سڀني دوستن تحريڪ ھلائڻ جي حوالي سان ڳالھايو ۽ سمورا دوست ان ڏس ۾ تيار آھن. ھن چيو تھ سنڌ اسان جي ماءُ آھي، پارٽي جيڪو حڪم ڪندي، اھڙيءَ ريت عمل ڪيو ويندو. ھن چيو تھ سنڌ ورھائڻ خلاف سنڌ اسيمبلي اڳ ئي قرارداد پاس ڪري چُڪي آھي ۽ اسان سنڌ کي ڪڏھن بھ ورھائڻ نھ ڏينداسين. ھن چيو تھ اھا ھڪ سازش آھي، جيڪي اھا سازش ڪن پيا، اھي ملڪ جا حامي يا ملڪ جا خيرخواھ ناھن. ھن چيو تھ ھن وقت جمھوريت آھي ۽ ڪا بھ مايوسي جھڙي ڳالھ ناھي ۽ ايران آمريڪا جنگ جي ڪري ھونئن بھ حالتون بھتر ناھن. ھن چيو تھ سندس گھر واري فريال ٽالپر جيڪو سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڳالھايو آھي، ائين سمجھو تھ اھو صدر صاحب ڳالھايو.