| فريال ٽالپر جي نياڻيءَ جي شادي تي ڳائڻن 7 ڪروڙ رپيا ورتا |
ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور فنڪارن راحت فتح علي خان ۽ عاطف اسلم جو ڳاڻيٽو دنيا جي مقبول ترين ميوزڪ اسٽارز ۾ ٿئي ٿو. گذريل هفتي راحت فتح علي خان ۽ عاطف اسلم صدر آصف علي زرداري جي ڀيڻ ۽ سياستدان فريال ٽالپر جي نياڻي عائشا ٽالپر جي شادي جي تقريب ۾ پرفارم ڪيو، جيڪا سوشل ميڊيا تي ڌيان جو مرڪز بڻيل رهي. ٻنهي گلوڪارن شادي ۾ آيل مهمانن جي خاص فرمائش تي پنهنجا مشهور گيت ڳائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. ان حوالي سان ويجهڙ ۾ اينڪر پرسن نعيم حنيف هڪ پروگرام دوران شادي جي تقريبن ۾ ٻنهي فنڪارن جي معاوضي بابت انڪشاف ڪيو. هن چيو ته راحت فتح علي خان پاڪستان ۾ شادي جي تقريب ۾ پرفارم ڪرڻ لاءِ اٽڪل هڪ ڪروڙ پنجويهه لک رپيا معاوضو وٺندو آهي، جڏهن ته جيڪڏهن پرفارمنس ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ هجي ته رقم ٻيڻي ٿي ويندي آهي. نعيم حنيف موجب، عاطف اسلم شروع ۾ شادين ۾ پرفارم نه ڪندو هو، پر ست ورهيه اڳ ملڪ رياض پنهنجي پوٽي جي شادي ۾ ڳائڻ لاءِ کيس آڇ ڪئي. عاطف اسلم پهرين انڪار لاءِ ڏيڍ ڪروڙ رپين جو مطالبو ڪيو، پر اها رقم ادا ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ هو شادي جي تقريبن ۾ في ايونٽ اڍائي کان ٽي ڪروڙ رپين تائين معاوضي جي طلب ڪرڻ لڳو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته جيتوڻيڪ صوفي گلوڪارا عابده پروين عام طور تي بيماري سبب تقريبن ۾ شرڪت ناهي ڪندي، پر جيڪڏهن هوءَ پرفارم ڪري ته سندس معاوضو تمام ڳرو هوندو، جيڪو اٽڪل سٺ کان ستر هزار ڊالرن جي وچ ۾ آهي. نعيم حنيف موجب، فريال ٽالپر جي نياڻي جي شادي ۾ گڏيل طور تي پرفارمنس تي لاڳت لڳ ڀڳ ست ڪروڙ رپيا هئي.