فريال ٽالپر جي نيب طلبي خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر
نومبر 11, 2023
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ نيب جي طلبي نوٽيس خلاف فريال ٽالپر جي درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪري ڇڏي، فريال ٽالپر جي نيب طلبي خلاف درخواست 2019 کان التوا هيٺ آهي، جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان تي ٻڌل 2 رڪني بينچ فريال ٽالپر جي درخواست جي ٻڌڻي هلائيندي، فريال ٽالپر درخواست ۾ نيب جي طلبي نوٽيس کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي آهي