| فريال گوهر کي طلاق ڏيڻ تي اڄ به افسوس اٿم: جمال شاهه |
لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) سينيئر اداڪار جمال شاهه ادڪاره زال فريال گوهر کي طلاق ڏيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، هڪ خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ هن چيو ته مون فريال گوهر سان پسند جي شادي ڪئي هئي، اسان جي جوڙي کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. هن چيو ته شادي کانپوءِ مون کي خبر پئي ته آئون پراڻن خيالن جو آهيان، جڏهن ته فريال آزاد خيال آهي، ٻئي شيون هڪٻئي کان تمام گهڻيون مختلف هيون، شروعات ۾ ئي اهو لڳي رهيو هو ته نه رڳو غلط شادي ٿي وئي آهي پر اسانجو گڏ رهڻ به ڏکيو هو، تنهن ڪري اسان الڳ ٿي وياسين، انهي کان اڳ فريال گوهر هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته جمال شاهه سان شادي ڪرڻ منهنجي زندگي جو هڪ غلط فيصلو هو. ياد رهي ته فريال گوهر ۽ جمال شاهه کي ماضي ۾ شوبز جي مثالي جوڙي سمجهيو ويندو هو، اهي 1992 ۾ الڳ ٿي ويا هئا.