فريدآباد ويجهو ڪائونسلر تي ڀُنگ جو ڪيس، گرفتار، سوين ڳوٺاڻن جو پوليس خلاف ڌرڻو، چڪريون

فريدآباد ويجهو ڪائونسلر تي ڀُنگ جو ڪيس، گرفتار، سوين ڳوٺاڻن جو پوليس خلاف ڌرڻو، چڪريون

 فريد آباد(ن پ ا) ڳوٺ عاليوال جي رھواسي چڱي مڙس ڪائونسلر  برڪت چانڊيو مٿان پٽ گل محمد ٿاڻي جي ڳوٺ صدر پنھور مان 9 مھينا اڳ مبينا اغوا ٿيل ناري دادلي ڌيءَ ڦوٽو پنھور جي واپسي لاءِ ڀنڱ طلب ڪرڻ جو ڪيس ناري جي والد ڦوٽو پنھور جي فرياد تي داخل ڪيو ويو ، جنهن کانپوءِ کيس گرفتار ڪيو ويو، ڪائونسلر چڱي مڙس برڪت چانڊيو مٿان ڪيس داخل ٿيڻ ۽ گرفتاري واري عمل خلاف سندس وارثن پٽن شاهد چانڊيو، اربيلو چانڊيو، سئوٽ نياز حسين چانڊيو جي اڳواڻي ۾ سوين ڳوٺاڻن فريدآباد پل تي ٽائر ساڙي ڌرڻو ھڻي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪندي دانھيو ته ايس ايڇ او اسان جي والد کي ٿاڻي تي گهرائي لاڪپ ڪري لکين روپيا رشوت وٺي  والد مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڌرڻي بعد پوليس گرفتار چڱي مڙس کي آزاد ڪري ڇڏيو، ڳوٺاڻن پاران ھنيل ڌرڻي دوران مظاھرين ۽ ايندڙ ويندڙ ماڻهن ۾ رستو نه ملڻ تان منھن ماري بعد جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران ڪاڇي  جي ڳوٺ حمل واسڻ عورت نصيبا خاتون زخمي ٿي پئي ليٽر ملڻ بعد کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو. هوڏانهن چڱي مڙس جي آزادي لاءِ ھنيل ڌرڻي سبب روڊ بند ھئڻ ڪري بسن جي ٽائيم جي ردوبدل بعد ٽرانسپورٽن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ هڪ ڄڻو محمد پٽ ولي محمد جتوئي زخمي ٿي پيو، زخمي کي فريدآباد ٿاڻي مان ليٽر ملڻ بعد ميهڙ اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڌرين ھڪٻئي خلاف اين سي داخل ڪرائي،