فريد آباد (رپورٽر) فريد آباد ويجهو گهران نڪتل ناري جي پلاند ۾ نوجوان جي ماسات ۽ ماسي کي مبينا اغوا ڪيو ويو آهي ٻنهي جي واپسي لاءِ وارث پاڪ ڪتاب کڻي پهچي ويا
فريدآباد ويجهو ڳوٺ خدا بخش خاصخيلي مان پلاند ۾ 2عورتون مبينا طور اغوا ٿي ويون آهن، ڳوٺاڻن موجب شيرو ڏيپر واسڻ ناري ڳوٺ خدا بخش خاصخيلي واسي گدا حسين خاصخيلي سان پسند پرڻي لاءِ نڪري وئي، وارثن چيو آهي ته ناري جا وارث نوجوان جي ماسي وزيران ۽ ماسات بلقيس خاصخيلي کي اغوا ڪري ويا
عبدالستار خاصخيلي چيو آهي ته سوڍر ڌر جا هٿياربند گهرن تي حملو ڪرڻ بعد منهنجي زال سميت ٻن عورتن کي اغوا ڪري ويا آهن، پاڪ ڪتاب کڻي وڃڻ بعد سوڍر ڌر عورتن کي آزاد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي