فريدآباد (ن پ ا) بي ايچ يو فريدآباد ۾بيمارين کان بچاءَ جو ٽڪو لڳڻ سبب 7 ورھين جي نينگري فائزه ڏيرو فوت
ٿيڻ واري واقعي جون خبرون ميڊيا ۾ ھلڻ بعد واقعي جي جانچ لاءِ دادو مان ڊاڪٽرن جي انڪوائري ٽيم ڪرم علي شاهه جي اڳواڻي ۾ نينگري جي ڳوٺ ڪنڊو ڏيرو پھتي
جتي نينگري جو والد نه ھئڻ تي ٽيم ڳوٺ جي ڪجهه ماڻهن سان ملي پڇا ڳاڇا ڪري واپس موٽي وئي. نينگري جي امڙ احتجاج ڪندي دانھيو ته منهنجي چڱي ڀلي معصوم ڌيءَ کي سيکڙاٽ ڊاڪٽر غلط ٽڪو ھنيو
جنهن بعد منهنجي ڌي جي ٽنگ سڄي ويئي جنهن کي علاج لاءِ ميھڙ ۽ لاڙڪاڻو به کڻي ويس پر منهنجي مري ويئي.ھن مطالبو ڪيو ته ظالم ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي