فريد آباد ۾ والي بال ٽورنامينٽ سيد پور کٽي ورتي

فريد آباد ۾ والي بال ٽورنامينٽ سيد پور کٽي ورتي

فريدآباد (ن پ ا) سيد نادر شاهه جي ياد ۾ والي بال ٽورنامينٽ،سيدپور ڪنڊو واھ ٽيم ۾ فائنل مقابلو، سيدپور ٽيم سوڀاري ٿي ٽرافي پنهنجي نان ڪري ورتي، سوڀ حاصل ڪندڙ ٽيم جي رانديگرن پاران جھمريو.   فريدآباد ويجهو ڳوٺ گل محمد جتوئي م مرحوم سيد نادر شاہ جي ياد م هر سال جيان هن سال به پنجون والي بال ٽورنامينٽ ٿي گذريو جنهن م ميھڙ تعلقي جي مختلف ڳوٺن سيدپور، قاضي عارف، فريدآباد سوجهرو ميرواڻي؛ ڪنڊواه، گل محمد جتوئي، لشڪر خان لاشاري، ميهر چنا، قائم ڏيپر شاهه گودڙيو، ڳاڙهي سميت 20 کان وڌيڪ  ٽيمن حصو ورتو ٽيمن ۾ زبردست مقابلا ٿيا سيمي فائنل م ڪنڊو واھ جي ٽيم ۽ ڳاڙهي جي ٽيم پھتي جنهن کان پوءِ ڪنڊو واھ جي ٽيم سيمي فائنل ميچ ماري فائينل م پھتي  فائينل ۾ سيدپور اليون ۽ ڪنڊواه اليون ٽيمون آمھون سامهون ٿيو زبردست مقابلو ڪرڻ بعد فائينل سيدپور اليون ٽيم کٽي ورتي جڏهن ته فائينل کٽيندڙ ٽيم جي رانديگرن صداقت چانڊيو ثاقب چانڊيو ،جابر چانڊيو اختيار چانڊيو محمد نواز چانڊيو کي ٽورنامينٽ آرگنائيزر يوسي سيدپور جي وائيس چيئرمين سيد محمد شاھ سائين مختيار احمد چانڊيو، منظور علي جتوئي طرفان ڪيش پرائيز ۽ ڪپ ڏنو ويو.