فريد آباد ۾ ڪئنال منصوبي خلاف 10 ڪلوميٽر پنڌ مارچ
اپريل 7, 2025
فريد آباد(ن پ ا) فريدآباد ۾ عوامي پورھيت تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ جي اين کوسو ايڊووڪيٽ رحيم بخش ٻگھيو، صائمه کوسو، نسيم لغاري، شائتسته کوسو، افشان ٻگھيو، سنڌو ٻگھيو، ايڊووڪيٽ محمد اعظم خاصخيلي، ايڊووڪيٽ سليم کوسو، ظفر سولنگي، مختيار کوسو، مشتاق انقلابي چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين عورتن ٻارڙن جو سنڌو درياهه تي ڪئنال اڏڻ، سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي نيلام ڪرڻ واري منصوبن خلاف قائم جتوئي کان فريدآباد تائين نٽھڻ اس ۾ 10 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪيو ويو. ڇنڊڻ موري اسٽاپ پھچڻ تي ڪارڪنن مٿان سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڳوٺاڻن ۽ شھرين گلن جي ورکا ڪئي. عوامي پورھيت تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ غلام نبي کوسو پيادل مارچ کي خطاب ڪندي چيو ته اسان پنهنجو درياء بچائڻ لاءِ نڪتا آهيون، سنڌو درياء مان ڌاڙيل ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ بنجر ٿي ويندي پي پي جو ڪئنالن خلاف احتجاج ڊرامو آهي سنڌي عوام سمجهي ٿو ۔هنن چيو ته سنڌي عوام ڪئنالن کي رد ڪري چڪو آهي سنڌ جو ٻچو ٻچو سنڌو جي بقاء لاء ميدان ۾ آهي پر پنجاب پنهنجي هوڏ تان نه ٿو هلي جنهن جا نتيجا خراب نڪرندا هن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياء سنڌ جي شه رڳ آهي ڪو به درياء تي ڌاڙيل ڪئنال ٺهڻ نه ڏينداسين هنن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياء مان ڏنڊي جي زور تي ڪئنال ڪڍي ڪارپوريٽ گرين پاڪستان جي نالي تي سنڌ جي زمين تي والار ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي هنن اختيارين کان گهر ڪئي ته سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو رد ڪري سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي.