| فرينچ صدر کي زال ماريندي آهي: ٽرمپ جو قوم ۾ خطاب دوان طنز |
واشنگٽن/پيرس (م ڊ) آمريڪي صدر ٽرمپ فرانس خلاف جارحاڻو انداز اختيار ڪندي فرانس تي ايران خلاف جنگ ۾ مدد نه ڪرڻ جو الزام لڳايو ۽ فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون تي ذاتي تنقيد ڪئي جنهن جي جواب ۾ ميڪرون چيو آهي ته بيعزتي ڪئي وئي آهي قوم کي خطاب ۾ آمريڪي صدر ٽرمپ تبصرو ڪيو ته فرانسيسي صدر جي زال برگيٽ ميڪرون هن سان تمام خراب سلوڪ ڪري ٿي ۽ کيس ماريندي آهي. صدر ميڪرون هن تبصري کي بي عزتي ۽ نامناسب قرار ڏيندي چيو ته اهو جواب ڏيڻ جي لائق به ناهي. فرانسيسي صدر چيو ته ٽرمپ انتظاميه مسلسل متضاد پيغام موڪلي رهي آهي. گهڻو ڪجهه ڳالهائڻ لاءِ آهي پر اسان کي استحڪام، سڪون ۽ امن ڏانهن موٽڻ جي ضرورت آهي. هي ڪو تماشو ناهي. هن چيو ته جيڪڏهن توهان سنجيده ٿيڻ چاهيو ٿا ته توهان هڪ ڏينهن هڪ ڳالهه نٿا چئي سگهو ۽ ٻئي ڏينهن ان جي ابتڙ نٿا چئي سگهو.